مانجهند (ن س)مانجهند ڀرسان ڌار ڌار واقعن ۾ 2 نوجوان فوت هڪ جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي لاش سرد خاني منتقل ڪيو ويو تفصيل موجب مانجهند ڀرسان ڳوٺ جمع خان کوسو ۾ پکي مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان دوست علي کوسو موقعي تي فوت ٿي ويو جنهن تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ٻي طرف ڳوٺ عظيم گائينچو ۾ پوليس کي انڊس هائي وي تي لاش هٿ آيو پوليس موجب اڻڄاتل شخص ڪنهن گاڏي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي جنهن جي جانچ هلندڙ آهي لاش کي سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي










