مختلف شهرن مان نمائندن جون مختصر پر اهم خبرون

مختلف شهرن مان نمائندن جون مختصر پر اهم خبرون

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن مان حادثن، خود ڪشين، جهيڙن بابت مختصر پر اهم خبرون. دريا خان مري مان ارباب مري موجب نصرت واهه مان هڪ نامعلوم پيرسن جو  لاش مليو آهي جنهن کي پوليس رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آئي. ***شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي بروهي موجب ڳوٺ شير خان ٽنگڙي ۾ ٻن ورهين جي ڪاشف پٽ ٻڍو ٽنگڙي ڀل ۾ زرعي دوا پيئڻ سبب فوت ٿي ويو. ***محرابپور مان مجاهد سامٽيو موجب زمين جي تڪرار تان لاشاري ۽ بروهي برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو بروهي برادري جا پنج ماڻهو زخمي ٿي پيا.

بروهي برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪيو. هنن ٻڌايو ته اسين 5، ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي ۽ لاشاري برادري جا ماڻهو قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. *** خانپور مهر مان آفتاب سيال موجب خانپورمھر ويجھو ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي م ٻن عورتن ۽ ھڪ نينگري سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثا علي مھر روڊ ۽ خانپورمھر باءِ پاس وٽ پيش آيا، باءِ پاس روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر لڳڻ سبب پيش آيو.

جنھن جي نتيجي م  شھمير مھر ۽ سندس ھڪ معصوم نينگري،  مسمات صاحبه ۽ غلام مصطفي لنڊ زخمي ٿي پيا، جن کي خانپورمھر جي شيخ ھمدان بن محمد تعلقي اسپتال آندو ويو، جڏھن ته علي مھر روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ٽڪر سبب حضور بخش نوناري، صاحب علي نوناري، فقير محمد مھر، مسمات شھزادي ۽ نصير احمد زخمي ٿي پيا، جن کي پڻ خانپورمھر تلعقي اسپتال آندو ويو. عورت صاحبه، شھمير مھر ۽ حضور بخش نوناري جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين سکر ۽ گھوٽڪي اسپتالن ڏانھن منتقل ڪيو ويو.*** ڏھرڪي مان قادر جٽ موجب ون ويلنگ دوران ٽي ڏينهن اڳ زخمي  ٿيل نوجوان عثمان راجپوت رحيم يار خان جي نجي اسپتال  ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو . موٽر وي پوليس توڙي ايس ايڇ او ڏھرڪي ون وينلنگ ڪندڙ ٽولي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي. *** صوڀوديرو  مان مظهر نعمت موجب محمود چنه ٿاڻي جي حد ڪچي ۾ عرس چني جي مشين جي سامهون ڏينهن ڏٺي جو ٻه موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن جو ڪچي طرف ويندڙ موٽر سائيڪل سوار سرور شنباڻي نالي شخص مٿان پسٽل جا سڌا فائرڪيا.

جنهن جي نتيجي ۾ همراھ موٽر سائيڪل ڇڏي ڀڃڻ لڳو هٿياربندن سندس کي گوليون هڻندا ڊوڙائيندا رهيا ۽ بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. *** مبارڪپور مان قربان مهر موجب ڳوٺ ميرل پراڻو ۾  45 ورهين جي دادن عرف جاني معرفاڻي گهر اندر پنهنجن مائٽن سان ڪنهن ڳالھه تان  ڪاوڙجي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري پاڻ کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ وارث پ سکر حرا اسپتال کڻي ويا جتي سندس حالت انتهائي نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. *** ٺل مان عبدالنبي موجب ڳوٺ نيڪ محمد بنگلاڻي ۾ ڪرڪيٽ راند دوران 15 ورهين جو نينگر عبدالمالڪ ولد لعل محمد بنگلاڻي اوچتو  ڪري فوت ٿي ويو خبر ٻڌڻ تي سندس والد بيهوش ٿي ويو جنهن کي پڻ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو بعد ۾ هوش ۾ آندو ويو. ***ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر  کير ٿر تي سنيپ چيڪنگ دوران ايس ايچ او ڳڙهي ياسين گلزار احمد ٻرڙو قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار مهدي حسن شر کي گرفتار ڪري ورتو . ايس ايچ او صحافين کي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل مهدي حسن شر مٿان ڊکڻ ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ٿيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

“مختلف شهرن مان نمائندن جون مختصر پر اهم خبرون” هڪ تبصرو

  1. تمام بھترين اخبار جيڪا غريبن مسڪينن اٻوجھن ۽ مارو ماڻهن جي ترجماني ڪري رھي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو