اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سينيئر صحافي محسن بيگ خلاف دهشتگردي سميت ٻين قانونن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مراد سعيد جي شڪايت تي صحافي محسن بيگ کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو، جنهن بعد کيس مارگلا ٿاڻي منتقل ڪيو ويو. سندس وڪيل اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ سندس گرفتاري خلاف درخواست داخل ڪئي، جنهن جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال ڪئي. محسن بيگ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ماڻهو صبح جو سادا ڪپڙا پائي محسن بيگ جي گهر آيا ۽ کيس زوري کڻي ويا. هن چيو ته ايس پي ۽ ڊي ايس پي کان گرفتاري وارنٽ ۽ سرچ وارنٽ طلب ڪيا ويا پر انهن وارنٽ نه ڏيکاريا، ايس پي سادن ڪپڙن وارن اهلڪارن کي گهرن تي ڇاپو هڻڻ جو حڪم ڏنو هو. وڪيل چيو ته سادو لباس پهريل ماڻهن محسن بيگ جي ٻارن کي نشانو بڻايو، سندن موبائيل فون ڦري ويا ۽ محسن بيگ کي کڻي ويا. عدالت ضمانت منظور ڪندي محسن بيگ کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته عدالتي ضامن محسن بيگ بازيابيءَ لاءِ مارگلا ٿاڻي تي پهتو ته پوليس ڪيس جي تصديق ڪئي. مراد سعيد جي فرياد تي مارگلا ٿاڻي ۾ محسن بيگ خلاف دهشتگردي ۽ ٻين سنگين قانونن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










