نارو (رپورٽ ساجد علي سهتو ) ماڪڙ جا دراصل ڪيترائي قسم آهن جن مان مشهور قسم ريگستاني ماڪڙ جنهن کي انگريزي ۾ (Desert Locust) چوندا آهن جيڪا اڪثر ڪري ريگستان ۾ ئي رهندي آهي ان جو نر مڪڙ رنگ جو پيلو ڦڪو ۽ مادي مڪڙ اڇو رنگ جو ٿيندو آهي. ڪجھ سال پهريان اسان جي ملڪ ۾ ان ريگستاني ماڪڙ جي اڪثريت هوندي هئي جنهن تي ڀٽو صاحب جي دور ۾ ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي ويو هو. ان کان پوء هاڻي سال 2019 ۾ جيڪا ماڪڙ اسان جي سنڌ خاص طور تي خيرپور ضلعي جي ريگستاني علائقي نارو ۽ ٺري ميرواه تعلقو ۾ جنهن جي هن وقت تمام گهڻي اڪثريت موجود آهي ان ماڪڙ کي خانه بدوش يا مهاجر ماڪڙ ۽ انگريزي ۾ (Migratory Locust) چوندا آهن جنهن جو رنگ ناسي ٿيندو آهي.

ان خانه بدوش ماڪڙ جو سائنسي نالو لوڪسٽا مائيگيٽريا آهي. اها خانه بدوش ماڪڙ خاص طور تي ايشيا، افريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ موجود آهي. يورپ ۾ ان ماڪڙ تي هاڻي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي چڪو آهي. ماڪڙ جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏڪار، بک بدحالي ٿي چڪي آهي جنهن ۾ سڀ کان گهڻو متاثر ٿيندڙ سينٽرل ۽ ڏکڻ آفريڪا آهن. اها مهاجر ماڪڙ جڏهن هجرت ڪندي آهي ته تمام وڏي ايريا جي مٿان ناسي رنگ ڇائنجي ويندو آهي جڏهن بارش وڌيڪ ۽ ٿڌ گهٽ پوندي آهي ته اها موسم هن ماڪڙ کي پنهنجو نسل وڌائڻ ۾ ڪافي حد تائين مددگار ثابت ٿيندي آهي.

هجرتي ماڪڙ جيڪا سائي پوک ۽ وڻ ٻوٽا کائيندي آهي پر خشڪ وڻن ٻوٽن کي ٻئي کاڌي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ترجيع ڏيندي آهي ۽ رات جي وقت خشڪ وڻن تي وڌيڪ لهندي آهي پر جڏهن خشڪ وڻ ٻوٽا گهٽ هوندا ته زمين تي به لهي پوندي آهي. جيڪڏهن سائو گاھ وڻ ٻوٽا هن کي کائڻ لاء نه مليا ته پوء پنهنجا ئي ڪمزور ۽ مئل مڪڙ به کائيندي آهي. هن خانه بدوش ماڪڙ جا ٻچا ڏهن ڏينهن جي اندر اڏامڻ جي لائق ٿيندا آهن ۽ هو فصلن کي تمام وڏو نقصان پهچائيندا آهن هن جو هر هڪ مڪڙ پنهنجي سموري زندگي ۾ 300 کان 500 گرام تائين کاڌو کائيندا آهن. ان ماڪڙ کي ڀڄائڻ لاء دونهون ئي مثبت اثر ڏيکاريندڙ آهي.










