مال گاڏي جي ٽڪر سبب هڪ فوت 2 زخمي

مال گاڏي جي ٽڪر سبب هڪ فوت 2 زخمي

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار ) پنوعاقل ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ ڪراس ڪندي ٽي موٽرسائيڪل سوار مال گاڏي ھيٺان اچي ويا ، ھڪ ڄڻو فوت ٻه زخمي ، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کين سکر ريفر ڪيو ويو.سانگي ڀرسان نرڇ واسي ٽي ڄڻان موٽرسائيڪل سوار ڦاٽڪ ڪراس ڪندي مال گاڏي ٽرين جي ھيٺان اچي ويا جنھن جي نتيجي ھڪ ڄڻو ويڙھو ميگهواڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٻه ڄڻا دولت ۽ انگور ميگهواڙ زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪرڻ کانپوءِ سکر ريفر ڪيو ويو ، جڏھن ته فوتي جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪرڻ کانپوءِ قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي نرڇ کڻائي ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو