لُٽجن پيا ٿا لاشا لطيف تنهنجي سنڌ ۾ !

لُٽجن پيا ٿا لاشا لطيف تنهنجي سنڌ ۾ !

مهر فقير
ڪو وقت هيو جڏهن وڏا وڏا نامي گرامي ڌاڙيل ڌاڙو هڻندا هيا ته هر طرف انهن جو ڏهڪاءُ هوندو هيو , اهي پوليس ۽ فوج سان به دوبدو مقابلا ڪندا هيا ۽ پنهنجي بهادري ۽ دليري جا مثال به قائم ڪندا هيا , اهي ڪڏهن به تر ۾ تباهي مچائي معذورن , معصومن ۽ عورتن تي آڱر به اڀي نه ڪندا هيا , ڇو ته انهن جا به پنهنجا اصول هيا پر وقت جي وهڪرن ۾ اهي ڌاڙيل پنهنجون يادون ڇڏي ڪي مارجي ويا ته ڪي مارايا ويا ته وري گمنامي جي پڇاڙڪي زندگي گهاري فنا ٿي ويا .
ڌاڙيل هجي يا ڪو چور پر آهن سڀئي قانون جا ڏوهاري ڀل ته پوء ڪو خوشيء خاطر ڏوه ٿو ڪري يا هو قانون جي زيادتين سبب هٿيار کڻي جهنگ ٿو وسائي ۽ انهن ڏوهارين جي خاتمي ۽ امن جي برقراري خاطر قانون به سدائين حرڪت ۾ رهي ٿو ڇو ته قانون جو ڪم آهي ڏوه ۽ ڏوهاري جو خاتمو ڪري ملڪ ۽ عوام کي امن , تحفظ ۽ سلامتي مهيا ڪرڻ ته جيئن عام ماڻهو سک سڪون جي زندگي گهاري سگهي ۽ رات جا پل آرام جي ننڊ ڪري سگهي .
سنڌ جي تاريخ تي سرسري نظر وجهبي ته خبر پوندي ته سنڌ سدائين ۽ هر دور ۾ عربن ۽ افغانين جي هٿان لٽبي ڦربي رهي آهي , سنڌ تي ائين سدائين حملا , ڪاهون , للڪارون ۽ يلغارون ٿينديون رهيون آهن , ڪڏهن مال خاطر ته وري حاڪميت خاطر , انهن حملن ۽ تباهڪارين منجھ رڳو ڌاريا ئي ملوث ناهن رهيا پر پنهنجن به مفاد ۽ لالچ خاطر غداري ڪري ڌارين جو ساٿ ڏئي سنڌ تي هٿ سان ڦرايو آهي ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي , اڄ به سنڌ ۾ ڦرلٽ , اغوا , چوريون , ڌارين جي آمد ۽ آبادڪاري بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي هلي رهي آهي , هر طرف واويلا , هر طرف ظلم , هر طرف آهون , هر طرف ڪوڪون آهن , ڪٿي به امن نظر نٿو اچي , ڪٿي به قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني جو ڪو نالو نشان ئي ڪونهي ڪو , ڦورو آزادي سان ڦر ڪري فرار ٿي رهيا آهن پر اهي خبرون به گردش ۾ رهن ٿيون ته خود قانون جا رکوالا انهن لٽيرن جي پٺي ٺپي مال ملڪيت ۾ ڀائيواري خاطر سهوليتڪاري جو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن ٻيو ته وري سرداري سسٽم به بي پاڙي ۽ وڻ ويڙهيء وانگر سهڻي سنڌ کي کائي کوکلو ڪري رهيو آهي ڇو ته جتي ڏوهارين جي مٿي تي شفقت جو هٿ هجي ته اتي قانون به بيوس بڻجي تماشائي وانگر تماشو ڏسندو آهي .
فيسبوڪ تي خبر پڙهيم ته ڌاڙيلن ايمبولينس کي هٿيارن جي زور تي روڪي ميت / لاش کڻي ويندڙن کي به بخش نه ڪيو ۽ انهن کان موبائل فونز ۽ نقدي ڦر ڪئي , قسم سان ان ويل من ماتم ڪرڻ لڳو , ان ويل ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪربلا جي ميدان ۾ بيٺو هجان ته هل ايڏو انڌير , ايتري جهالت , ايڏو قهر جو هاڻي لاشن کي به ڦريو ٿو وڃي , اهي ڦورو ڪير هيا , افغاني , چنگيزي , تاتاري , بنگالي , برمي يا ڪي عربي هيا نه نه اهي اتان ئي ڪي تر جا لاٺڙيا هيا جن رڻ ٻاري ڏنو آهي , ان وقت مونکي مئن جي دڙي جي ماڻهن تي عجب ۽ حيرت لڳي جيڪي وڏي واڪي چوندا آهن ته اسان دنيا جي سڌريل قوم آهيون , اسان جي تاريخ شاهوڪار ۽ شاهڪار قوم آهي , اسان مئن جي دڙي جا وارث آهيون , ڪيڏو ته ڪوڙ ڪتابن ۾ ليڪکن آهي لکيو , افسوس جو هاڻي رڍ , ٻڪري , ڳئون , مينهن , موٽر سائيڪل کان اڳتي ترقي ڪري لاشن کي به بخش نٿو ڪيو وڃي , ها ڪافي وقت کان پڙهون ۽ ٻڌون پيا ته قبرستانن تي قبضا ڪري اتي آباديون ڪيون وڃن ٿيون مطلب ته هاڻي مردي کي دفن ڪرڻ به هڪ مسئلو بڻبو پيو وڃي .
هتي ٿاڻا به آهن ته وري ڪورٽون به آهن پر افسوس جو جتي ڪٿي قانون الڳ الڳ آهي مطلب غريب جي لاء قانون پنجوڙ آهي ۽ امير لاء قانون آرائش آهي جڏهن ته قانون سڀ لاء هڪ هجڻ گهرجي ۽ اهو قانون هجي SHOOT FOR KILL , ڇو ته جيسيتائين ڏوهارين کي سرعام گولي هڻي يا ڦاسي تي نه لٽڪايو ويندو تيسيتائين قبرن منجهان لاشن جا هڏا ڪڍي اتي جايون جوڙيون وينديون يا وري زرعي آبادي ڪئي ويندي ۽ ايئن اڳتي هلي لاشن کي ڦري انهن جي بيحرمتي ڪرڻ به هڪ معمولي ڏوه تصور ڪري اکيون پوري ڪن لاٽار ڪئي ويندي ته ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ناهي ۽ ويتر چيو ويندو ته بس سڀ خير آهي پر اهو اهڙو خير سنڌ ۽ سنڌي قوم جي لاء ناسور آهي جيڪا قوم آزادي , امن ۽ روزگار ٿي طلبي .
اسان ايئن کنڀجي , ڪُسجي ۽ ڦرجي رهيا آهيون جيئن سرڻ , باز , هل يا ڪانءُ چوزي , ڪوئي يا جهرڪي وغيره کي چهنب يا چنبي ۾ هڪ ئي جهٽڪي سان کڻي ويندو آهي ۽ انهيء جو گرم گرم تازو تازو ڪچڙو ڪونئرو گوشت کائي وري نئين شڪار جي تاڙ ۽ چيرڦاڙ خاطر پر ساهي نڪري پوندو آهي , ۽ ايتري ٿيڻ باوجود به چوندا آهيون ته نيٺ ڇا ڪجي ۽ ان نيٺ ڇا ڪجي جو جواب هيل تائين ڪو ڏاهو نه ڏئي سگهيو آهي .
ڪتابن ۾ پڙهندا آهيون , اديبن جو ادب ۽ شاعرن جي شاعري ٻڌائيندي آهي ته جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون سو جي مهراڻ جون ٻئي ڪنڌيون مطلب ٻئي پاسا جنت آهن ته پوء آخر ڇو ۽ ڇا جي ڪري سنڌ ۾ سنڌي قوم دوزخ جهڙي زندگي گهاري رهي آهي ؟ ڇا ڪنهن دانشور , ڪنهن اديب , ڪنهن مفڪر , ڪنهن اسڪالر وغيره وٽ ان سوال جو جواب آهي ته پوء هو جواب لکي ۽ قوم کي مطمئن ڪري باقي جي اسان ايئن ئي جمالي جي پويان لڳاسين ته پوء اسان جو باقي بڇيل ميڙاچونڊي ڪري گڏ ڪيل مال ملڪيت زر زيور وغيره به ايئن لٽيو ۽ ڦريو ويندو جيئن هاڻي آزادي ۽ تسلي سان ڌاريون قومون اسان جي سنڌ کي ڦري ۽ قبضي ۾ آڻي چون پيون ته اوهان سنڌين , اوهان جا ڳوٺ , اوهان جون زمينون ليز ناهن تڏهن ئي ته اسان کي جتان ڪٿان بيدخل ڪيو پيو وڃي .
اسان جي قوم حقيقت ۾ هاڻي مئل قوم ٿي سڏجي جيڪا ڪنهن به ظلم ۽ باحق تي ڪو گڏيل احتجاج نٿي ڪري ها مگر قوم پرست , استاد , شاعر اديب صرف ذاتي مفادن تائين محدود آهن هرڪو جدا جدا ديڳڙي چاڙهي چانور جو ڪڻو رنڌي رهيو آهي , سو جي اسان جي سنڌ جا اڪابر ۽ قانون جا رکوالا ايئن ئي خاموش رهيا ته پوء سنڌ ته هوندي پر سنڌي نه هوندا ۽ جيڪي به هوندا سي غلام هوندا سو ڪالھ لاش کڻي ويندڙن کان ڦر ٿي آهي پر ڏسجو سڀاڻي لاش پوريندڙن ۽ جنازي نماز پڙهندڙن کي به ڦريو ويندو .

پهنجو تبصرو موڪليو