ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياري چاڪيواڙ پوليس اسٽيشن اسٽريٽ ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، 2 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي واري هنڌ تان 7 زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڇت جي ملبي مان وڌيڪ زخمين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
حسن اسڪوائر چوڪ کان لياقت آباد ويندڙ رستو دٻجي ويو
ٻئي طرف حسن اسڪوائر کان لياقت آباد ويندڙ روڊ عيسيٰ نگري وٽ دٻجي ويو آهي، روڊ تي زمين ۾ 3 کان 4 فوٽ اونهو سوراخ ٿي ويو آهي.حسن اسڪوائر کان لياقت آباد تائين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، لياقت آباد کان حسن اسڪوائر تائين ٽريڪ کي ڊبل آپريٽ ڪيو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو پاڻي اڃا به جمع
شهر ۾ تيز برسات کانپوءِ به ڪجهه هنڌن تي برسات جو پاڻي جمع آهي، لياقت آباد نمبر 10 ۾ به برسات جو پاڻي بيٺل آهي.ان کان علاوه ملير هالٽ وٽ پڻ برسات جو پاڻي گڏ ٿي ويو آهي، جڏهن ته نيپا چورنگي وٽ پاڻي جي نيڪال جو ڪم جاري آهي.گلستان جوهر چورنگي، شارع فيصل، ناظم آباد ۽ ڊالميان روڊ تان به پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي.










