لاهور قلندرز جي مالڪن ۾ ملڪيت تان ڦڏو

لاهور قلندرز جي مالڪن ۾ ملڪيت تان ڦڏو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) لاهور قلندرز جي ٽيم ٺاهيندڙ رانا فواد ڪجهه سيزنز بعد سين تان غائب ٿي ويو هو ۽ سندس بيمار رهن جون خبرون به سامهون آيون هيون. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي ته ٽيم جي ملڪيت جي معاملي تي ٽنهي راڻا برداران ۾ اختلاف ٿي پيا آهن.
گذريل اربع ڏينهن هڪ فيصلي ڪرڪيٽ جي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عدالتي حڪم تحت قائم ڪيل هڪ ثالثي عدالت، لاهور قلندرز جي سي اي او عاطف رانا ۽ ثمين رانا کي حڪم ڏنو ته هو 45 ڏينهن اندر فواد رانا کي لاهور قلندرز جا ملڪيت وارا حق واپس ڪن، يا پوءِ کيس ٻه ارب 30 ڪروڙ رپيا ادا ڪن۔
فواد رانا پنهنجي ڪمپني “ڪيلڪو” جا شيئر لاهور قلندرز جي موجوده مالڪ ڪمپني “ڪوثر رانا ريسورسز (ڪي آر آر)” ڏانهن منتقل ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏيندي سال 2023 ۾ عدالت سان رجوع ڪيو هو۔
هي معاملو لاهور هاءِ ڪورٽ کان پوءِ سپريم ڪورٽ تائين پهتو، جتي ٻنهي ڌرين ان کي ثالثي عدالت حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو۔
ثالثي عدالت جو فيصلو
ثالثي عدالت جي جج جسٽس (ر) مقبول باقر 19 جنوري تي پنهنجي فيصلي ۾ فواد رانا جي حق ۾ فيصلو ڏيندي عاطف رانا ۽ ثمين رانا کي حڪم ڏنو ته هو 45 ڏينهن اندر فواد رانا کي ٻه ارب 30 ڪروڙ رپيا ادا ڪن يا فرنچائز جي ملڪيت سندس حوالي ڪن۔
رانا فواد عدالت ڇو ويو؟
ثالثي عدالت جي فيصلي موجب، فواد رانا 2023 ۾ عدالت سان رجوع ڪيو هو ۽ موقف اختيار ڪيو هو ته سندس ننڍن ڀائرن عاطف رانا ۽ ثمين رانا سندس رضامندي کانسواءِ غير قانوني نموني لاهور قلندرز جا شيئر منتقل ڪيا۔
عدالتي دستاويزن مطابق، 2015 ۾ قطر ۾ رجسٽرڊ ڪمپني “قطر آئل گروپ” 26 ملين ڊالرن عيوض لاهور قلندرز جا ملڪيت وارا حق حاصل ڪيا هئا۔ فواد رانا ان ڪمپني جو مينيجنگ ڊائريڪٽر هو۔
2016 ۾ فواد رانا پنهنجي ڀائرن عاطف رانا ۽ ثمين رانا کي فرنچائز جي روزمرهه معاملن جي نگراني لاءِ شامل ڪيو۔ ڀائرن فيصلو ڪيو ته فرنچائز قطر بدران پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ڪمپني ذريعي هلائي وڃي۔
لاهور ۾ پنهنجي والده جي نالي سان منسوب ڪمپني “ڪوثر رانا ريسورسز (ڪي آر آر)” کي 48 سيڪڙو شيئر ڏنا ويا، جڏهن ته ڪيلڪو جا 51 سيڪڙو شيئر ۽ فواد رانا جا اضافي هڪ سيڪڙو شيئر به ڪي آر آر ۾ رکيا ويا۔ اهڙي طرح قطر آئل گروپ وٽ اڪثريتي شيئرز رهيا، پر فرنچائز پاڪستان مان هلڻ لڳي۔
عدالتي دستاويزن موجب، ڪهاڻي ۾ موڙ 2018 ۾ آيو، جڏهن “ڪيلڪو” جا چار سيڪڙو شيئر ڪي آر آر ڏانهن منتقل ڪيا ويا، جنهن سان فواد رانا بدران عاطف رانا لاهور قلندرز جو اڪثريتي مالڪ بڻجي ويو۔ اهو ئي لمحون هو، جتان ٽنهي ڀائرن وچ ۾ اختلاف شروع ٿيا۔
فواد رانا جو موقف هو ته 2018 ۾ اهي چار سيڪڙو شيئر غير قانوني نموني منتقل ڪيا ويا، جيڪي فراڊ جي زمري ۾ اچن ٿا، جڏهن ته عاطف ۽ ثمين رانا موجب سڀ ڪجهه قانون مطابق ٿيو۔
ثالثي عدالت جي فيصلي مطابق، عاطف رانا ۽ ثمين رانا دليل ڏنو ته لاهور قلندرز جي مسلسل ناڪامين سبب ليگ جي ساک متاثر ٿي رهي هئي، تنهنڪري فرنچائز کي نئون اتساهه ڏيڻ لاءِ ابوظهبي جي ٽي 10 ليگ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو۔
هنن چيو ته ان وقت متحده عرب امارات ۽ قطر وچ ۾ تڪرار سبب قطر جي ڪنهن ڪمپني لاءِ ٽي 10 ليگ ۾ حصو وٺڻ ممڪن نه هو، تنهنڪري گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته لاهور قلندرز کي پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ڪمپني ذريعي ٽي 10 ليگ ۾ شامل ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ضروري هو ته اڪثريتي شيئر ڪي آر آر جي نالي هجن۔
عدالتي دستاويزن مطابق، عاطف ۽ ثمين رانا دعويٰ ڪئي ته فواد رانا به ٽي 10 ليگ ۾ شامل ٿيڻ واري خيال سان متفق هو ۽ سندس رضامندي سان ئي ڪي آر آر کي اڪثريتي شيئر ڏنا ويا۔
پر فواد رانا موجب، هن شيئرز جي منتقلي بابت ڪنهن به گڏجاڻي ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن دستاويز تي سندس صحيح موجود آهي۔
جڏهن چيڪ باؤنس ٿيو ۽ لاهور قلندرز وڪرو لاءِ آئي
ڪهاڻي ۾ ٻيو موڙ تڏهن آيو، جڏهن ڪورونا وبا سبب پاڪستان سپر ليگ ملتوي ٿي ۽ ان جو مالي اثر لاهور قلندرز تي به پيو۔ عدالتي دستاويزن مطابق، 2020 ۾ پي ايس ايل جي سيڪيورٽي فيس طور ڪيلڪو جو هڪ چيڪ باؤنس ٿيو۔ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ست ڏينهن اندر 25 لک 10 هزار ڊالر جمع ڪرائڻ جو چيو، ٻي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي وارننگ ڏني هئي۔
ان وارننگ جي نقل ڪيلڪو جي چيئرمين شيخ سلطان کي به موڪلي وئي۔ ان معاملي تي ڪيلڪو جي هنگامي گڏجاڻي ۾ رانا ڀائرن ٻڌايو ته لاهور قلندرز کي 30 لک ڊالرن ۾ خريدڻ لاءِ هڪ گراهڪ موجود آهي۔
عاطف ۽ ثمين رانا جو موقف هو ته امڪاني خريدار جو شرط آهي ته ڪمپني جا سڀ شيئر ڪي آر آر وٽ هجن۔ ڪيلڪو جي چيئرمين شيخ سلطان به اتفاق ڪيو ته اصل سيڙپڪاري بچائڻ کان پوءِ فرنچائز وڪرو ڪئي وڃي۔
عدالتي دستاويزن موجب، 2021 ۾ “مسٽر نيازي” نالي هڪ شخص کي لاهور قلندرز جا 30 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪيا ويا، پر ان کان پوءِ فرنچائز جي مڪمل وڪري وارو معاملو التوا جو شڪار ٿي ويو۔
دستاويزن ۾ واضح ناهي ته “مسٽر نيازي” ڪير هو؟ جڏهن ته موجوده مالڪن ۽ فواد رانا جي وڪيلن کان پڇيو ويو ته هنن ان بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔
معاملو ثالثي عدالت تائين ڪيئن پهتو؟
فواد رانا جي وڪيل طلحہ جاويد بي بي سي کي ٻڌايو ته 2020 ۾ فواد رانا فرنچائز وڪڻڻ تي راضي هو، پر دير ڪئي وئي۔ جڏهن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو رڪارڊ حاصل ڪيو ويو ته ان ۾ نه ڪيلڪو ۽ نه ئي فواد رانا شيئر هولڊر طور موجود هئا، جنهن کان پوءِ 2023 ۾ عدالت سان رجوع ڪيو ويو۔
هن چيو ته 2018 ۽ 2020 ۾ شيئرز جي منتقلي بابت لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو ويو، جتي عاطف ۽ ثمين رانا معاملو ثالثي عدالت ڏانهن موڪلڻ تي زور ڏنو، پر هاءِ ڪورٽ درخواست رد ڪري ڇڏي۔ پوءِ سپريم ڪورٽ جي هدايت تي معاملو ثالثي عدالت حوالي ڪيو ويو۔
ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪمپنين وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ثالثي عدالت جو نظام موجود آهي، جيڪو 1940 واري آربٽريشن ايڪٽ تحت ڪم ڪري ٿو۔
طلحہ جاويد ٻڌايو ته هنن پنهنجي موڪل جي معرفت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي به خط لکيو آهي، جنهن ۾ ثالثي عدالت جي فيصلي جي روشني ۾ لاهور قلندرز جي موجوده انتظاميا سان معاملا روڪڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي۔
’هي خانداني معاملو آهي‘
بي بي سي جڏهن لاهور قلندرز جي انتظاميا کان موقف ورتو ته چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ ٽيم ڊائريڪٽر ثمين رانا چيو ته هي قانوني معاملو آهي ۽ ڪمپني جا اٺن سالن جا آڊٽ رڪارڊ سڀ ڪجهه واضح ڪن ٿا۔
ثمين رانا چيو ته “هن فيصلي ۾ گهڻو وزن ناهي ۽ اسان ان کي چيلينج ڪنداسين۔”
هن وڌيڪ چيو: “هي خاندان جو معاملو آهي، فواد اسانجو وڏو ڀاءُ آهي… ان کان وڌيڪ مان ڪجهه نٿو چئي سگهان۔”
سوشل ميڊيا تي ردعمل
لاهور قلندرز جي ملڪيت واري تڪرار ۽ ثالثي عدالت جي فيصلي تي سوشل ميڊيا تي به ردعمل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي۔
احتشام صديقي نالي صارف لکيو ته “فواد رانا سان هر ڪرڪيٽ فين شروعات کان ئي محبت ڪندو آيو آهي، ۽ هر ڪو هن معاملي ۾ سندس ساٿ ڏيندو۔”
مصطفى نالي صارف لکيو: “سڀ کان گهرو زخم اهو هوندو آهي، جيڪو پنهنجا ڏيندا آهن۔ فواد رانا لاهور قلندرز جي دل جي ڌڙڪن هئا۔”
حسن نالي صارف لکيو: “لاهور قلندرز جو وفادار پرستار هجڻ جي ناتي، اسين هميشه فواد رانا کي واپس ڏسڻ چاهيون ٿا۔ اسين چاهيون ٿا ته هو ٻيهر ذميواري سنڀالي۔”
وجيهه نالي صارف لکيو: “ماڻهو فواد رانا کي ان ڪري پسند ڪندا هئا، جو هو ارب پتي هجڻ باوجود فتح تي ٻارن وانگر جشن ملهائيندو هو، ۽ هار جي صورت ۾ هڪ عام ڪرڪيٽ فين وانگر اداسي سندس چهري تي نظر ايندي هئي۔” (نوٽ هي اسٽوري بي بي سي اردو تي شايع ٿي ۽ سندن ٿورن سان اسين پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو