لاهوري واپارين پاران مارڪيٽ جلد بند ڪرڻ جو فيصلو رد

لاهوري واپارين پاران مارڪيٽ جلد بند ڪرڻ جو فيصلو رد

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي واپارين مارڪيٽون جلد کولڻ ۽ رات جو 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪومتي فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي.
لاهور جي واپارين دڪانون جلد کولڻ ۽ رات جو 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب شهر جون وڏيون مارڪيٽون صبح جي وقت بند رهيون.
هوڏانهن پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بازارون صبح جون کلي ويون جڏهن ته ڪوئٽه ۾ واپارين جو مليل جليل رد عمل ڏسڻ لاءِ ملي رهيو آهي. ڪنهن پاليسي تي عمل ڪرڻ جي ترجيح ڏني ته ڪنهن نئون شيڊُل جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بازارون صبح 10 وڳي کولڻ ۽ رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو

پهنجو تبصرو موڪليو