ڪراچي (ويب ڊيسڪ)لائيو شو دوران پاڪستاني اداڪار اعجاز اسلم جو پاجامو ڦاٽو.هڪ خانگي ٽي وي شو مان ورتل هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ميزبان فهد مصطفيٰ شو دوران اعجاز اسلم سان پيش آيل هڪ غير معمولي واقعي جي باري ۾ ٻڌائي رهيو آهي. فهد مصطفيٰ جو چوڻ هو ته اعجاز اسلم جو پاجامو ڦاٽي ويو جنهن کانپوءِ هن سمورن ميزبان اداڪارن کي اسٽيج تي بيهڻ بدران ويهڻ جي درخواست ڪئي. وڊيو ۾ اعجاز اسلم کي ڦاٽي پاجامي سان ويٺل ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته ساٿي اداڪار ساڻس پيش آيل واقعي جو مزو وٺي رهيا آهن.










