لائن اپ ۾ بالنگ نه ڪري سگهيو: بابر

لائن اپ ۾ بالنگ نه ڪري سگهيو: بابر

بينگلورو(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا خلاف بدترين شڪست تي چيو آهي ته هو لائين اينڊ لينٿ موجب بالنگ نه ڪري سگهيو. ڪپتان بابر اعظم آسٽريليا خلاف ميچ ۾ ٽيم جي سٺي پرفارمنس ۾ ناڪامي ۽ بدترين شڪست ۾ پنهنجي خامين جي حوالي سان چيو ته ميچ دوران ڪيچ ڊراپ ڪيا ويا.هن چيو ته اننگز جي آخري پندرهن اوورن ۾ آسٽريلوي ٽيم ميچ ۾ واپس آئي، پوءِ بيٽنگ جي شروعات سٺي رهي پر وچين اوورن ۾ پارٽنرشپ سٺي نه رهي.ٻئي طرف آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز فتح کي سٺي ڪاميابي قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو