حيدرآباد)ن س)قومي عوامي تحريڪ ھٿرادو ڪٽ ڏئي ٻوڙيل سنڌ جي تباھڪارين خلاف 28 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين ضلعي ۽ تعلقن ۾ حڪمرانن پاران ٻوڙيل سنڌ ۽ عارضي ۽ مستقل حل،، جي عنوان سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آھي. اي پي سيز ۾ سمورين سنڌ دوست ۽ وطن دوست پارٽين، سول سوسائٽي ۽ پروفيشنل تنظيمن کي دعوت ڏنيون وينديون. ان ڏس قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راهوجو، نائب صدر منور جتوئي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري روشن ڪنراڻي،الطاف خاصخيلي خادم سمون، شوڪت سريوال چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي 15 سالن کان ھلندڙ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. منڇر، حمل، سم نالن ۽ واھن کي ھٿرادو گھارا ھڻي لکين خاندان دربدر ڪري ڇڏيا آھن. خوشحال ۽ مھمان نواز قوم جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو رستن بي يارو مددگار آھن. پاڻي جي قدرتي گذرگاھن تي قبضا ڪري انھن کي بند ڪيو ويو آھي. مظھر راھوجو چيو تہ زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. سنڌ جا ماڻھو ھاڻ پيپلز پارٽي کي رد ڪن ٿا.










