قريشي ڪي گهر تي چڙهائي خلاف جسقم جو احتجاج

قريشي ڪي گهر تي چڙهائي خلاف جسقم جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ڊر) جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي جي رتيديري واري گھر تي چڙھائي ۽ سندس عزيزن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ واري واقعي خلاف جسقم ضلع صدر ظھور ھاليپوٽو ؛ جاويد ھاليپوٽو ؛ صوفي حامد سنڌي ۽ ايس يو پي جي سليم ھاليپوٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪري لاڙڪاڻو پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته جسقم چئيرمين جي گھر تي چڙھائي ڪري ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ۽ گم ڪرڻ  انتھائي ڪريل حرڪت آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھنن چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي پوليس ڏوھارين بدران قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ھيسائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي اسين سنڌ جا قومي ڪارڪن امن پسند شھري آھيون اسان کي بلاجواز تنگ ڪيو پيو وڃي اسين سيد جي فڪر جي ساڀيان لاء جدوجھد تان ڪڏھن به دستبردار نه ٿينداسين اسين لاڙڪاڻي پوليس کي چتاه ٿا ڏيون ته ھڪدم قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي نه ته اسين سڃي سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ جو حق محفوظ رکون ٿا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو