قريشي جي ويڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ واري درخواست رد

قريشي جي ويڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ واري درخواست رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت چيو ته شاهه محمود قريشي موجب اڊيالا جيل راولپنڊي کان لاهور تائين جو سفر تمام ڏکوئيندڙ آهي، وڊيو لنڪ تي حاضري مڪمل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪئي وڃي.عدالت شاهه محمود قريشي جي درخواست رد ڪندي سندس ڪرمنل ڪيس جي ٽرائل ۾ ذاتي حيثيت جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت چيو ته آءِ جي جيل شاهه محمود قريشي کي اڊيالا کان ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو وڃي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالد ارشد ٻن صفحن تي ٻڌل حڪم جاري ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو