لاهور (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي توهين عدالت جي الزام ۾ نااهل قرار ڏيڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي.لاهور جي زمان پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اڄ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي توهين عدالت تي نااهل ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اڄ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو ڪري، قانون سڀني لاءِ برابر آهي.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم کي به ان مان سبق سکڻ گهرجي.










