قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت

قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت

ڊاڪٽر مدد علي شاه
سال 1974 جي هڪ شام، جڏهن مان صرف ڇهن ورهين جو ننڍڙو ٻارڙو هوس ته، هالاڻيءَ جي هڪ رهائشگاه تي قسمت مون کي والد صاحب سان گڏ ان بزرگ ڪمپنيءَ جي نزديڪ آڻي ڇڏيو جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو موجود هيو، جتي اسان ساڻس گڏ رات جي ماني کاڌي. تنهن وقت جو ماحول، ماڻهن جي محبت ۽ رهبر جي سادگي اڄ به منهنجي دل ۾ زندهه آهي. ان کان پوءِ 1977ع ۾ جڏهن مان نواڻ جي شفق وانگر نو سالن جو هوس، منهنجي نصيب ۾ وري هڪ اعزاز لکجي ويو جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو سان ملاقات ٿي. اهو ڏينهن منهنجي لاءِ صرف هڪ ملاقات نه هئي، پر اميد ۽ قربت جو هڪ روپ بڻجي ويو. خاص طور تي اها ياد، جڏهن منهنجي ماءُ مون کي قرآن پاڪ جو تحفو ڏنو ۽ بينظير صاحبه منهنجن ڳلهن تي محبت ڀريو هٿ رکيو. اها لمس، اها دعا، اڄ به منهنجي روح کي گرمائيندي آهي. دنيا جي سياست ۽ زماني جي تڪليفن کان مٿاهون، اهي انساني ۽ روحاني لمحات منهنجي زندگي جا روشن ترين لمحا آهن جيڪي مان هميشه ياد رکندس.
”مون کي ڪوبہ جلاوطن نٿو ڪري سگھي، مان ھن مٽيءَ جي پيدائش آھيان ۽ ھتي ئي دفن ٿيڻ پسند ڪندس“جا جملا اچاريندڙ 5 جنوري 1928 ۾ مٺن زيتونن جي سرسبز باغن جي وچ ۾ اک کوليندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي تعليم ۽ سياسي تربيت جو آغاز ڪجهه اهڙي طرح ٿيو ته المرتضيٰ هائوس جي فضا ۾ ان کي ٻڌايو ويو ته ڊڄڻو صرف خدا جي ذات کان آهي باقي دنيا جي فرعونن ۽ نمرودن سان وڙهي عوام جا حق بازياب ڪرائڻا آهن. سنڌ، ڪئليفورنيا يونيورسٽي ، برڪلي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ۽ لنڪنز ان ورڊ ۾ بارسٽر جي حيثيت سان تربيت حاصل ڪندڙ ڀٽي صاحب ننڍي عمر ۾ قائد اعظم سان خطن ذريعي، اعليٰ تعليم جي حاصلات سان گڏو گڏ دنيا جي معيشت ۽ سياست جي لاهن چاڙهن کي به معلوم ڪيو. هن سوشلزم ۽ جمهوريت جا راز کوليا ۽ ننڍي عمر ۾ جڏهن ان سياسي بلوغت حاصل ڪئي تڏهن کان وٺي هن عملي طور تي عوام سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو.
ذولفي ڀٽو، جيڪو ديس جو اهڙو طلسماتي شخص هو جنهن جي هر لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي هر جملي۾ صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي ماڻهو ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي چاهيو.ان وقت جي ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند عام شهرين ۾ ريڊيو ورهائيندڙ قائد عوام، لڙوگي ؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي “: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هئا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو. شعور سنڀالڻ کان وٺي ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻ تائين هن جي سموري زندگي جو هرهڪ پل هڪ عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام جي نالي سان قائم ڪندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي، روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽيءَ ۾ شموليت، وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي هن جي سحر انگيز شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ تائين ڪارڪنن جون هزارين قربانيون ۽ قيد جون عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني ۽ موت جي ڦاهيءَ کي چميو، ته ڪن وري پنهنجي سينن تي گوليون کاڌيون ۽ ڀٽي صاحب جي مٿين نعري ۽ ان جي موٽ ۾ ڪيل واعدي تي پنهنجي ثابت قدم هجڻ جو ثبوت ڏنو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه عوامي طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ مضبوط بڻايو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشنڊ ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين ۽ مانڊڙين تائين پهچايو. هن انساني حقن، مردن، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو۽ جنگي قيدين کي ڀارت جي چنگل مان آزاد ڪرايو. وڏي جدوجهد سان وطن کي 1973 وارو متفقه آئين جو تحفو ڏنو. 1974 ۾ اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙي جي آبادي کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعي موقعا فراهم ڪيا. سندس هر تقرير ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي ڳالهه هوندي هئي يعني هارين توڙي مزدورن جو ذڪر لازمي هوندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي هر تقرير ۾ غريب عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. دوست توڙي دشمن اها ڳالھ ضرور مڃيندا ته عوام ۾ سياسي سجاڳيءَ وارو انقلاب صرف ۽ صرف شهيد ڀٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي نه ته ان کان اڳ، عوام سياست ۾ سرگرم حصو ڪونه وٺندو هو ۽ نه ئي اميدوار عوام ۾ اچي ڳالهائڻ پسند ڪندا هئا جڏهن ته ماڻهن جي، ووٽن وجھڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي به ڪانه هوندي هئي، ٻين جا ڪوڙا ووٽ وجھڻ جو ته عام رواج هوندو هو. پوءِ، شهيد ڀٽي سياسي سجاڳي وارو طوفان ملڪ اندر آندو جيڪو ڏسنديَ ڏسنديَ ساري ملڪ اندر ڇانئجي ويو جڏهن ته غريبن، هارين ۽ پورهيتن کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي قسمت ووٽن ذريعي بدلائي سگھن ٿا.
زيڊ اي ڀٽو عوامي ليڊر هو،( اها ڀٽي خاندان جي وڏي خوبي آهي جو هن خاندان جا ماڻهون هميشه عوام سان گڏ رهندا آهن، پوء ڇو نه موت اچي ورائي محترمه جي شهادت به عوام جي وچ ۾ ئي ٿي.) ڀٽو صاحب عوام سان هميشه عوامي ٻولي ۽ عوامي انداز سان ڳالهائيندو هو. ۽ انهن ۾ رلي ملي ويندو هو ۽ هر ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان جي گهر جو ڀاتي آهي. اهو شايد ڀٽي صاحب جو ڀاڳ چئبو جو مرد عورتون ننڍا وڏا پوڙها ۽ ٻار کيس ساڳي محبت سان ياد ڪندا آهن، توهان ڏٺو هوندو ته سنڌ ۾ جيڪو ٻار اهيو به نه ٿو ڄاڻي ته سياست ڇا آهي؟ حڪومت ڇا آهي؟ پارٽي ڇا ٿيندي آهي؟ پر اهو ٻار به پيو چوندو آهي جيئي ڀٽو. ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف ملڪي وحدت جو مرڪزي نقطو ھو پر هن مملڪت خداداد پاڪستان جي ضمانت پڻ ھو. پوءِ به جيڪڏهن سندس قائم ڪيل پاڪستان اسٽيل مل، مشين ٽول فيڪٽر، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نين ڪيترن ئي قومي صنعتي، ترقياتي، تعليمي، طبي ۽ تحقيقي ادارن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته اهو معلوم ٿيندو ته ايشيا جو هي ذهين انسان ملڪ کي ڪنهن انقلابي ترقيءَ طرف وٺي وڃي رهيو هو، جتي خوشحالي، امن ۽ احساس ذمه داري ظاهر ٿيندي هجي. نه صرف هن پاڪستان کي خوشحالي ڏني پر عالمي انساني برادريءَ جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش پڻ ڪئي. اسلامي ملڪن جي ٻڌيءَ طرف توجه ڏني. هن فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن کي باقاعده اجاگر ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سڄي دنيا ۾ زيادتي، بک، جهالت، ڪو متڀيد ۽ تنگ نظري نظر آئي ته هو رڙ ڪري ان جي خلاف اٿيو. ملڪ جي ايوانن اندر آواز بلند ڪيو. عالمي سطح جي هر محاذ تي جنگ وڙهي مظلوم عوام کي رليف ڏنو. هُو هيو ئي ذوالفقار…..! حضرت علي عليه السلام جي تلوار جيان جهالت ۽ گمراهي جي وچ ۾ ٽپي پيو، هر جڳهه تي حب الوطني، روشن خيالي ۽ ترقي پسنديءَ کي عام ڪيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ٿيندي 47 سال گذري چڪا آهن پر عوام وٽ شهيد ڀٽي جي محبت ۾ ڪابه ڪمي ناهي آئي، جڏهن ته آمر ضياءَ کي ماڻهو اڄ به خراب نالن سان ياد ڪندا آهن. آمر ضياءَ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي تختي تي چاڙهي وڏو ظلم ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ويو جو ڀٽي صاحب جي وارثن يعني مرحوم بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد سميت ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڀٽي صاحب جو آخري ديدار نه ڪرڻ ڏنو.
اڄ وطن کي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن ۽ سندس نظرين جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڪاش! تاريخ 4 اپريل 1979ع تي رياستي دهشتگردي جي بدترين عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد اسان جي قوم کي ايترو ناقابل تلافي نقصان نه پهچي ها. پشاور جا ٻارڙا شهيد نه ٿين ها. هزارين شهرين جا گهر نه اجڙن ها. امڙيون بيواهه نه ٿين ها.
ذولفي هڪ نظريي، هڪ مشن، هڪ حسين جذبي، هڪ جهد مسلسل ۽ روايت ٽوڙ هڪ عزم جو نالو آهي. سندس زندگيءَ جو تت هن سٽ ۾ بيان ڪري سگھجي ٿو ته،
مونسين هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو