ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي فچ اربع تي چين ۾ معاشي ترقي جي بي يقيني واري صورتحال سبب سندن ڪريڊٽ ريٽنگ منفي ڪري ڇڏي آهي. چين جي معيشت ۾ واڌ بابت غير يقيني واري صورتحال، مڪاني ادارن جي فنڊنگ نه ٿيڻ ۽ قرضن جي وڌي وڃڻ سبب چين جي ريٽنگ منفي ڪئي وئي آهي. ايشيا پيسيفڪ بابت فچ جي اڪنامسٽ گيري نيٽڪس جو چوڻ آهي ته ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته دنيا جي ٻئي وڏي معيشت يعني چين ڊيفالٽ ڪري ويندو. ياد رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾هڪ ٻئي ايجنسي مودي به چين جي ريٽنگ گهٽ ڪئي هئي. چين جو چوڻ آهي ته ڪورونا کانپوءِ معاشي ترقي جي رفتار سست ضرور ٿي هئي پر حڪومتي اپائن سبب ان ۾ ڪافي بهتري آئي آهي ۽ جلد اسين ڊيٽا جاري ڪنداسين. واضح رهي ته چين جي معيشت بابت ڪجهه ڪمپنين تي هٿرادو ترقي ۾ واڌ جا الزام به لڳندا رهيا آهن.










