فيض حميد خلاف سپريم ڪورٽ واري پٽيشن جا تفصيل

فيض حميد خلاف سپريم ڪورٽ واري پٽيشن جا تفصيل

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جنهن ۾ جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله، شامل هئا تنهن 8 نومبر تي ٿيل ٻڌڻي جو 14 نومبر تي جاري ڪيل فيصلي ۾ دفاع واري وزارت کي آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف پٽيشن ۾ لڳايل الزامن جي جانچ جو حڪم ڏنو هو. عدالت چيو هو ته الزام سنگين نوعيت جا آهن عهدي ۽ اختيارن جي غلط استعمال جي الزامن جي جاچ ضرور ٿيڻ گهرجي، انهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن الزام درست ثابت ٿيا ته اهي ملڪ جي اهم اداري جي ساک کي وڏو ڌڪ رسائيندا. اسلام آباد جي نئين ايئرپورٽ ۽ موٽر وي سان لڳو لڳ قائم هائوسنگ اسڪيم ٽاپ سٽي جي مالڪ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن ۾ چيو هو ته 12 مئي 2017 تي پاڪستان رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن ٽاپ سٽي جي آفيس ۽ ۾منهنجي (معيز احمد خان) جي رهائشگاهه تي چڙهائي ڪري سون ۽ هيرن جا زيور ۽ روڪ رقم سميت قيمتي سامان هٿ ڪيو هو، جنهن ۾ دهشتگرديءَ جي فرضي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته جنرل فيض حميد جي ڀاءُ سردار نجف بعد ۾ ثالثي ڪري معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس بريت کان پوءِ درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته جنرل حميد معز سان ملاقات جو بندوبست ڪرڻ لاءِ سندس ڪزن يعني فوج ۾ هڪ برگيڊيئر جي ذريعي رابطو ڪيو. درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ملاقات دوران جنرل حميد درخواستگذار کي ٻڌايو ته هو ڇاپي دوران 400 تولا سون ۽ نقدي کانسواءِ باقي ڊبل ڪيبن گاڏيون وغيره سميت سامان واپس ڪندو. درخواست ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آءِ ايس آءِ جي رٽائرڊ برگيڊيئر نعيم فخر ۽ ريٽائرڊ برگيڊيئر غفار مبينا طور تي درخواستگذار کي ”مجبور“ ڪيو ته ”4 ڪروڙ نقد ادا ڪيا وڃن“ ۽ ”ڪجهه مهينن لاءِ هڪ خانگي آپ ٽي وي نيٽ ورڪ کي اسپانسر ڪيو وڃي“. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي آءِ ايس آءِ اهلڪار ارتضيٰ هارون، سردار نجف، وسيم تابش، زاهد محمود ملڪ ۽ محمد منير به هائوسنگ سوسائٽي جي غيرقانوني قبضي ۾ ملوث هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو