فيصلو چئلينج ڪبو،8 فيبروري تي سڀني جو احتساب ٿيندو: گوهر

فيصلو چئلينج ڪبو،8 فيبروري تي سڀني جو احتساب ٿيندو: گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني عمران خان کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ کان پوءِ ڪارڪنن کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ سان گڏ قانون هٿ ۾ نه کڻڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سزا ٻڌائڻ تي بيرسٽر گوهر پنهنجي هڪ بيان ۾ رد عمل ڏيندي چيو آهي ته اسان کي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ تي ڀروسو آهي عدالتن مان انصاف ملڻ جي اميد آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته آئين ۽ قانوني طريقي کان هٽي ڪري ڪيسز کي هلايو پيو وڃي. جج صاحب پنهنجي طرف کان سوال ڪيا اسان انهي کان ڪهڙيون اميدون رکنداسين. ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ بيرسٽر گوهر چيو ته جج صاحب سائفر ڪيس ۾ آئين ۽ قانون کان هٽي هلندا رهيا آهن ڪارڪن صبر جو مظاهرو ڪن، قانون کي هٿ ۾ نه کنيو وڃي، ڪارڪن سمورو ڌيان چونڊن تي ڏين. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عدليه تي ڀروسو آهي. رليف ضرور ملندو. جيڪڏهن موت جي سزا ملندي ته اها به ڪالعدم ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو