فيروز آباد ۾ اي وي ايل سي پوليس جو مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا

فيروز آباد ۾ اي وي ايل سي پوليس جو مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) فيروز آباد جي حدن ۾ اي وي ايل سي پوليس سان مبينا مقابلي دوران 2 جوابدار مارجي ويا. ايس ايس پي اي وي ايل سي خالد مصطفيٰ ڪورائي موجب مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ محمد شهزاد ۽ شايان جي نالن سان ٿي آهي، مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڪار هٿ ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته هٿ ڪيل ڪار گلستان جوهر ٿاڻي جي حد مان چوري ڪئي وئي هئي، مارجي ويل جوابدارن جو هڪ ساٿي ثاقب ان کان اڳ به اي وي ايل سي سان شهيد ملت روڊ تي ٿيل مقابلي ۾ مارجي چڪو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو