اسلام آباد )بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وقف وزير فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.اليڪشن ڪميشن جي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ خلاف فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري کي 20 جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جاري آهي.عدالت چيو ته چيف جسٽس حڪم ڏنو ته توهين عدالت جي ڪارروائي جاري رهندي، چيف جسٽس پنهنجي فيصلي ۾ ڪميشن کي معاملي تي حتمي فيصلو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.جسٽس طارق محمود جهانگيري رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ڪير به آهي، توهان کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، توهان جا گرفتاري وارنٽ معطل ٿي رهيا آهن، ڪميشن آڏو پيش ٿيو، جيڪڏهن توهان پيش نه ٿيا ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ذاتي طور پيش ڇو نه ٿي رهيا آهيو؟ جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو ته توهان هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي.وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اسان ان ئي ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا هئاسين.جسٽس طارق جهانگيري چيو ته ڪراچي ۾ ڪهڙي اليڪشن ڪميشن آهي، توهان هاءِ ڪورٽ مان اتي ويا هوندا، توهان هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، توهان ڪميشن آڏو پيش نه ٿي رهيا آهيو.وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيون.










