اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري جي عدليه مخالف بيانن تي سندس خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس بابر ستار سڀاڻي فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل سليم الله خان ذاتي حيثيت ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ فواد چوڌري جي مختلف بيانن جا ٽرانسڪرپٽ به شامل آهن.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فواد چوڌري ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري خلاف توهين آميز بيان ڏنو.وڪيل سليم الله خان وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري چيو ته عمران خان کي توهين عدالت جي سزا نٿي ڏئي سگهجي، هو مقبول ليڊر آهي.درخواست ۾ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي.










