ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ جي ڪمپني اسٽار لنڪ جي انٽرنيٽ سروس هڪ ڀيرو ٻيھر متاثر ٿي آهي. غير ملڪي خبر ايجنسي جي مطابق، سومر جي ڏينهن اسٽار لنڪ پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيٽلائٽ انٽرنيٽ سروس اسٽار لنڪ جي سروس فني سبب ڪري بند آهي. جڏهن ته ڪمپني وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيو آهي. آن لائن ٽريڪنگ پليٽ فارم ڊائون ڊيٽيڪٽر جي مطابق، سروس بند ٿيڻ واري آمريڪا ۾ اسٽار لنڪ جا 43 هزار صارفين متاثر ٿيا ۽ انهن کي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ٿي رهيون آهن. ان کان اڳ، هن سال جي جولاءِ ۾ به اسٽار لنڪ کي سروس جي هڪ وڏي بندش جو منهن ڏسڻو پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين صارفين کي انٽرنيٽ سروس استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ٿيون. جولاءِ ۾ ٿيندڙ هن خلل کانپوءِ ايلون مسڪ ۽ انهن جي ڪمپني جي سينيئر ايگزيڪيوٽو صارفين کان معافي پڻ گهري هئي.










