فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ سان مسئلا وڌندا

فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ سان مسئلا وڌندا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو چوڻ آهي ته آمريڪا سڀني ملڪن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ سان مسئلا وڌندا.مارڪو روبيو، ايڪواڊور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن سڀني ملڪن کي ٻڌايو ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ بابت انهن جا بيان غلط ۽ غير حقيقي آهن.آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا انهن ملڪن کي ٻڌايو ته جيڪڏهن انهن اهو ڪيو ته وڏا مسئلا پيدا ٿيندا ۽ رد عمل ٿيندو. هن چيو ته ان سان غزه ۾ جنگ بندي حاصل ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي ويندو، ۽ ائين ڪرڻ سان غزه ۾ جاري آپريشن وڌي سگهن ٿا. ياد رهي ته برطانيا ۽ فرانس سميت ڪيترن ئي يورپي ملڪن هن مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين کي هڪ رياست طور تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو