فرانس مان 442 غير قانوني مهاجر برطانيا پهچي ويا

فرانس مان 442 غير قانوني مهاجر برطانيا پهچي ويا

لنڊن (ويب ڊيسڪ)پناهگيرن کي فرانس کان خطرناڪ سامونڊي رستن ذريعي اچڻ جاري آهي. بچاءَ واري وزارت موجب سومر ڏينهن 442 غير قانوني مهاجر فرانس کان برطانيا پهتا، جن ۾ ٻارن سميت 15 ننڍين ٻيڙين تي سراسري 29 ماڻهو سوار هئا. ميڊيا رپورٽن موجب هلندڙ سال چوٿون ڀيرو هڪ ئي ڏينهن ۾ 400 کان وڌيڪ مهاجر برطانيه پهتا آهن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن سال سمنڊ ذريعي ايندڙ ماڻهن جو انگ 13 هزار 749 تائين پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو