فخر، شاهنواز ۽ افتخار جون مداحن سان گڏ تصويرون

فخر، شاهنواز ۽ افتخار جون مداحن سان گڏ تصويرون

دبئي (ويب ڊيسڪ)ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي آخري ميچ ۾ سريلنڪا هٿان شڪست باوجود مداح قومي ڪرڪيٽرن کي خوش ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ فخر زمان، شاهنواز دستي ۽ افتخار احمد سان تصويرون ڪڍرايون.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽيڊيم کان هوٽل واپسي دوران بس جي ڀرسان مداحن جو وڏو انگ موجود هو.ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان هٿ جهلي مداحن جو شڪريو ادا ڪيو.واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ دلچسپ ۽ ايڪشن سان ڀرپور فائنل سڀاڻي پاڪستاني وقت موجب شام 7 وڳي کيڏيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو