بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ)شهيد فاضل راهو پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي منشيات سان ڀريل ڊمپر پڪڙي ورتو. ڊمپر ۾ 5328 ڪلو گرام گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جو چورو ۽ 1200 تيار گٽڪو پيل آهي. منشيات جو ايڏو وڏو ذخيرو بلوچستان جي حب چوڪي کان بدين سمگل ڪيو ويو هو. ڊي ايس پي شھيد فاضل راهو شڪيل سولنگي ۽ ايس ايڇ او غلام مصطفي عاقلاڻي جي اڳواڻي ۾ ٽيم 12 ويلر ڊمپر تي چاپو ھڻي منشيات پڪڙي ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور ۽ سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا اهن جن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش جاري آهي. ڊمپر ڊرائيور پشن واسي جو نالو سيد لونگ ٻڌايو پيو وڃي. پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڊمپر قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي.










