واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هالي ووڊ فلم انڊسٽري کي زور وٺائڻ لاءِ پرڏيهي فلمن تي 100 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن آمريڪا جي تجارت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته ان تي عمل ڪيو وڃي. اهو واضح ناهي ته آمريڪي ثيٽر ۾ ڏيکاريون ويندڙ موويز تي ٽيڪس لڳندو يا مختلف اسٽريمز پليٽ فارمز تي به پابندي لڳندي. آمريڪي تجارت واري سيڪريٽي چيو آهي ته اسين ان تي ڪم ڪري رهيا آهيون.










