غير قانوني ترسيل پرڏيهين کي 14 آگسٽ تائين مهلت؟

اي اي عباسي

پي ٽي آءِ ( پاڪستان تحريڪ انصاف) جي وفاقي حڪومت پاران غير قانوني ترسيل پرڏيهين کي 14 آگسٽ تائين پاڪستان مان پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ملڪ جي ساڃاهه وندن ، معززين  ۽ عوام الناس خوب ساراهيو ۽ واکاڻيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهنايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڦڻ ان باري ۾ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته غير قانوني طور آباد پرڏيهي سنڌ جي وسيلن تي بار آهن، پاڪستان گڏيل قومي جي پناهگيرن بابت ڪنوينشن تي صحيح ڪندڙ ملڪ به ناهي پر پوءِ به پاڪستان حڪومت جي غير ملڪي پناهگيرن بابت نرم پاليسي سمجهه کان ٻاهر آهي. قبلا اهو ته ڄيڪ پر جڏهن پي پي وفاق ۾ اقتدار ۾ هئي ان وقت اوهان ڇا ڪيو؟ هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ 40 لک افغاني رهن ٿا. سنڌ ۾ نادرا پاران 40 لک، برمي، بنگالين، اقيرانين، روهنگين سميت دنيا ڀر جي ماڻهن کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن. هاڻي وفاقي حڪومت پاران عملي طرح جيڪڏهن واقعي ئي هن ڪار خير ۾ سچائي ڏيکاري پرڏيهين کي ملڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جو عملي طرح مظاهرو ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ يقينن پنهنجي ملڪ تي گهڻو بار بوجهه هٽي سگهي ٿو. هتي اسانکي اهو به نه وسارڻ گهرجي ته عمران خان افغانين ۽ بهارين کي شهريت ڏيڻ جا بيان به ڏيندو رهيو آهي. ملڪ ۾ غير ملڪي ماڻهن جي ڪري ملڪ جي اندر ڪافي مسئلا پيدا ٿيندا رهن ٿا، جنهن ۾ سڀ کان جهڙوڪ ڪرائيم ڏوهارين جو تعداد وڌي رهيو آهي، پنهنجي ملڪ ۾ جيڪي امن پسند قومون آهن انهن جي ڪري ڪڏهن به ملڪ کي ڪو خطرو ناهي پر ڏٺو وڃي ته هن ملڪ کي انهن پرڏيهي ماڻهن ئي هر وقت رسڪ تي ملڪ جو نانءُ نشان داءَ تي لڳايو آهي، جيڪي ڪنهن مافيائون جي ايجنڊا تي ملڪ ۾ خوفناڪ قسم جون وارداتون ڪري هميشه پاڪستان جو نالو بدنام ڪري پنهنجي آقائون کي خوش ڪندا رهيا آهن، جيڪڏهن پاڪستان حڪومت کي هاڻي الله پاڪ عقل ۽ سمجهه ڏني آهي ته پوءِ اهي انهيءَ ڪار خير ۾ گهڙي پل جي به دير نه ڪن پر جلدي جلدي انهن پرڏيهين کي پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان مان عملي طرح نيڪالي ڏيئي انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻن لاءِ جوڳا سختي سان قدم کنيا وڃن، هن ملڪ ۾ اڳ ۾ آباديءَ جو توازن تمام گهڻو وڌي ويو آهي ۽ مسئلن جا انبار ٿيڻ لڳا آهن، جنهن ڪري حڪمران پاڻ بتال لڳا پيا آهن ۽ اهي وڌندڙ آباديءَ جي تعداد کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ٿي چڪا آهن. پوءِ حيلا بهانا ڪري مڙيئي سڙيئي هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهيون ۽ سياست ڪري پنهنجو وقت پنج سال پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري وقت پاس ڪري رهيا آهن پر عملي طرح انهن وٽ عام عوام لاءِ ڪو به باقائدهه ريليف پئڪيج ناهي، حڪمران اقتدار کان اڳ ۽ بعد ۾ زمين آسمان جيتري مفاصلي جيتريون ڳالهيون ڪندي ڪوڙ مٿان ڪوڙ هڻندا رهن ٿا، هاڻي پوري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آباديءَ جو بار پاڪستان جي صوبي سنڌ مٿان پيل آهي، هرهڪ قوم ته قوم پر هرهڪ پرڏيهين جو بار به سنڌ مٿان حمله آور بڻجي ڪٽڪي پيو آهي، ڄڻ ته هيءُ سنڌ نه پر ڪو دنيا جو مڪمل طرح لاوارث صوبو هجي يا وري بين الاقوامي يتيم خانو هجي، ايرا غيرا نٿو خيرا سڀ جو سڀ سنڌ جي مٿان قابض بڻجي ويا آهن ڌرتيءَ جي اصل وارثن جي جياپي جو سوال خود سواليه نشان بڻجي ويو آهي، سنڌ 73 سالن کان گهڻو ڪجهه برداشت ڪندي رهي آهي يوپي ۽ سي پي جي هڪڙن نانگن مان سنڌ وارن کٽيو کاڌو وري ٻيا نانگ ڪابل ۽ قنڌار جا سنڌ مٿان حمله آور ٿيڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ته پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ جا اصل وارث ۽ مالڪ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ پوءِ هر طرف پان کائو ۽ نسواري ملڪ جي تباهيءَ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏيندا. اڄ به ڪوٽڙي، بدين، نوابشاهه سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ نسواري جيڪا نموني بازي ڪندي هٿيارن اسلحي جي زور تي داداگيري ڪندي دهشت ۽ وحشت ڦهلائي سنڌ جي پرامن ماحول کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اسانجي بي گناهه ماڻهن کي رت ۾ وهنجاري موت جي منهن ۾ آڻي ڏاڍمڙسي ڪندي حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪندا رهن ٿا انهن دهشتگردن لاءِ ڪو قانون ناهي، هيءُ اهي رهزن آهن جن سنڌ ۾ سالن کان رهڻ باوجود سنڌ کي پنهنجو نه ڪيو آهي، تازو آمريڪا جي افغانستان ۾ موڪلائڻي بعد جيڪا افغانستان ۾ ڦڙ ڦوٽ پئي آهي ۽ انهن ۾ جيڪا اٿل پٿل هلڻ لڳي آهي اها پاڪستان جي ٻين ٽنهي صوبن ڏانهن ناهي پر انهن جي نظرن ۾ صرف ۽ صرف سنڌ صوبو بين الاقوامي يتيم خانو ڄڻ ته ٽارگيٽ تي آهي،خدا نه ڪري ته افغانستان جي طالبان وحشي پڻي جي لهر سنڌ ۾ ڪاهي پئي جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهي جيئن پنهنجي ملڪ افغانستان جي ڪري چڪا آهن اهڙي وري هتي به ڪري تباهي بربادي ڀريو ماحول برپا ڪندا.انهيءَ لاءِ پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جي طرز تي حڪومت سنڌ به سختيءَ سان اپاءَ وٺندي غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ قدم کڻي ۽ خصوصي طور تي افغانين جي سنڌ ۾ پابنديءَ لاءِ سرحدين تي سيڪيورٽيءَ جا سخت اپاءَ وٺي ڪنهن به صورت ۾ افغانستان جي ماڻهن کي سنڌ ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ قانون سازي تشڪيل ڏيڻ سميت سنڌ اسيمبليءَ ۾ اها قرارداد رٿ آندي وڃي ته سنڌ ۾ ڪنهن به پرڏيهيءَ کي دڪان ۽ جڳهه مسواڙ يا خريد فروخت نه ڪئي وڃي جيڪو به انهيءَ ۾ ملوث رهيو ته انهيءَ خلاف سختيءَ سان قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به پرڏيهيءَ جو قومي شناختي ڪارڊ ٺاهيندڙ ، انهن جي سهولتڪارن ، پرڏيهين جي ضمانت کڻندڙن جي ملڪيت زمين ضبط ڪئي ويندي، جڏهن هنگامي بنيادن تي حڪومت سنڌ اهڙا سنڌ صوبي کي محفوظ ڪندڙ قانون ، ضابطا ۽ اخلاقيات جوڙيندي تڏهن وڃي سنڌ جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي ٿو، نه ته سنڌ هن وقت واڳن جي وات ۾ آهي ۽ بدقسمتيءَ سان جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران اڃان به گهري ننڊ ۾ ستل رهيا ته پوءِ انهيءَ عظيم غلطيءَ تي پوري سنڌي قوم صدين تائين انهن جي غلطيءَ جو ازالو نه ڪري سگهندي، سوال اهو آهي ته انهن پرڏيهي رهزنن پنهنجو پاڻ کي ايڏو ته مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي جو انهن جي واعدن، انهن جي ڳالهين تي هاڻي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن جي قول ۽ فعل ۾ وڏو تضاد آهي، انهن جي مشڪوڪ حرڪتن سبب پنهنجي ڌرتيءَ جا نوجوان انسانيت دشمن هيروئن جي نشي ۾ مبتلا رهيا، انهن جون نوجوانيون زهر بڻجي ويون، انهن جي ناپاڪ سوچ سبب سنڌ جديد هٿيارن اسلحي سان ڌاڙيل ڪلچر جو راڄ رهيو، منشيات جي ڪاروبار ۾ تيزيءَ سان واڌ سبب نوجوان نسل تعليم پرائڻ بجاءِ موالي ۽ ڀنگوڙو بڻايو ويو، اهڙي طرح هاڻي افغانين جي رستا روڪ لازمي آهي نه ته هيءُ پنهنجي ڌرتيءَ جي امن ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي پنهنجي امن سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا. الله ڪريم جي مهرباني سان سنڌ دنيا جو اهو واحد امن سلامتيءَ جو گهر آهي جيڪو هميشه پيار، محبت، اخوت ڀائيچاري جي تعليمات مرڪز ۽ ماڳ رهيو آهي. جيڪڏهن رهزنن ،مافيائون ۽ سازشي عناصرن هن خطي کي ائين بي يارو مددگار ۽ لاوارث بڻائي قنڌار ۽ ڪابل جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو ته پوءِ انهن جي سياست انهن جو اقتدار ۽ ڌن دولت ٺٺ ٺانگر به سڀ مٽيءَ ملي ويندا ۽ تاريخ جي ورقن ۾ انهن جو نالو نشان باقي نه رهندو، تاريخ ٻڌائي ٿي ته جن حڪمرانن پنهنجي عوام کي ڌوڪي ۾ رکيو ۽ غداري ڪري عارضي ذاتي مفادن جي وهڪري ۾ وهي مستقل ۽ اجتماعي قومي مفادن کي نظر انداز ڪيو اهي اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمرانن جو زوال اچڻ لڳو ۽ انهن جو نالو تاريخ ۾ سياهه اکرن ۾ لکجڻ لڳو، اهي يارهن يارهن سال اقتدار جي مٿان قابض رهندڙ حڪمران ڪٿي آهن جيڪي هٿ مٿي ڪري مڪو ڏيکاريندي پنهنجي مستي جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جي کليل سپورٽ حمايت ڪندا رهندا هيا. اڄ  پيپلز پارٽي جي سنڌ  حڪومت کي  موقعو آهي ته اهي پنهنجي سنڌ جي دنگن جي حفاظت ڪندي غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ ۽ ٻين کي سنڌ ۾ داخلا نه ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ۾ ٻيو نه پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير داخلا شيخ رشيد جيان واڪو ڪندي ڪو ٻوٽو ٻاريندي عملي نمونو بڻجي سنڌ جي حفاظت لاءِ قدم کنيا وڃن. جيئن ايندڙ وقت ۾ پ پ پ جي سنڌ سرڪار کي پنهنجي اهڙي تاريخ ساز ڪارنامي تي ياد ڪري سگهجي ته غير قانوني ترسيل پرڏيهين جي واپسيءَ ۽ ٻين پرڏيهين جي رستا روڪ لاءِ جهڙو ڪردار پ پ پ ادا ڪري ڏيکاريو آهي اهڙو ڪو به ڪري نه سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو