غزا ۽ لبنان تي اسرائيلي حملا جاري 106 فلسطيني شهيد

غزا ۽ لبنان تي اسرائيلي حملا جاري 106 فلسطيني شهيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)غزہ تي جاري اسرائيلي حملا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 106 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، غزہ تي اسرائيلي حملا جاري آهن، ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 106 فلسطيني شهيد ۽ 350 زخمي ٿيا آهن. ان کان علاوه، ڏکڻ غزہ ۾ حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ جهيڙا جاري آهن. القسام بريگيڊ هڪ هنڌ تي اسرائيلي فوج تي گھات لڳائي حملو ڪيو، ۽ ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو دعوا ڪئي آهي. ٻئي پاسي، اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان تي هوائي حملا ڪيا، جن ۾ هڪ شهري شهيد ۽ 8 زخمي ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو