ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ عيد جي چوٿين ڏينهن به موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.ڪراچي ۾ اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي موجب اتر اولهه طرف کان وهندڙ هوائن جي رفتار 7 کان 9 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي، جنهن ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 74 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا وادي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ موسم جزوي طور تي خشڪ ۽ خشڪ رهندو، صبح جي وقت شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جزوي ابر آلود رهندو، صوبي جي مختلف علائقن ۾ اڄ ڏينهن دوران مٽيءَ واري هوائون هلڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ تربت، گوادر ۽ جيواڻي ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.










