عورتن جي صنفي حقن ۽ خودمختياري بابت قرآني حڪم

عورتن جي صنفي حقن ۽ خودمختياري بابت قرآني حڪم

ليکڪ عزيز الله ٻوهيو

منهنجي هن مضمون جو موضوع آهي ته اسانجو ملڪ پاڪستان جيڪو اسلام جي نالي تي وجود ۾ آندو ويو هو) ان ۾ انساني ۽ قومي حقن جي لتاڙ ايتري ته ٿيندي رهي ٿي جو مقبوضه ڪشمير کان به گهڻو وڌيڪ ان جي تفصيل لاءِ هتي ڪيئي ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن پر ان موضوع بدران آئون عورتن جي صنفي حق خود مختاري بابت جنهن کي قرآن ڪريم سورت بقره جي آيت نمبر 228 ۾ مردن جي برابر سڏيو آهي( سواءِ طلاق کانپوءِ ٻي شادي لاءِ عورتن جي عدت ۾ ويهڻ جي) ان جي لتاڙ ۽ حق تلفي جي باري ۾ به سمورو تفصيل لکڻ انتهائي ڳرو ڪم سمجهان ٿو جو صرف ڪارو ڪاري جي نالي سان عورتن سان بي دريافتي قتل تي به هتي ڪيئي ڪتاب بازارن ۾ موجود آهن ۽ جڏهن ته ڪارنهن جي ڏوهه جا ڏوهاري عورتن کان وڌيڪ تعداد وارا مرد آهن ڇو جو هو هڪ ٻئي سان به ڪارو منهن ڪندا آهن جن جي خلاف ڪا به عورتن جهڙي سزا واري ڪاروائي ڪا نه ڪئي ويندي آهي.  بغير مذهبي متڀيد جي يعني خود مسلم معاشري ۾  به  نا بالغ ٻارن جا پاڻ ۾ شاديءَ جا واقعا ٿيندا رهن ٿا جنهن تي مس حڪومت بندش  وڌي آهي پر ملڪ جي مذهبي تعليم جي ادارن ۾ باقاعدي ننڍن ٻارن جي شاديءَ جي جائز هجڻ جون حديثون ۽ امامي فقهن جي حوالن سان اهڙي تعليم پڙهائي پئي وڃي، سو حڪومت طرفان اهڙي مذهبي نصاب تعليم مٿان ڪا به بندش ڪانهي ان کان علاوه ملڪ جي غير مسلم خاص ڪري هندو ڇوڪرين سان اسڪولن ۾ جيڪيڏهن ڪنهن مسلم ڪلاس فيلو سان عام قسم جي رواج مطابق تعليمي مقصدن لاءِ اسڪول کان ٻاهر گهرن تائين به اچ وڃ ٿي وڃي ٿي ته ڪيترن ئي بد نيت ڇوڪرن اهڙي ويجهڙائي جو غلط فائدو وٺي اهڙين ڇوڪرين کي بند ۾ رکي انهن سان جبري نڪاح جو هل مچائي ان کي قيد ۽ بند ۾ رکي ڪفر ۽ اسلام جو مسئلو بڻائي ڇڏين ٿا، جنهن لاءِ ملڪ جا ڪي ميڊيا ئي آرگن ۽ خانقاهي جبي پوش اهڙي معصوم ۽ بي قصور ڇوڪريءَ کي اسلام جي نالي سان قبضي ڪرائڻ لاءِ پنهنجي وڪائو مال قلم کان ايترو ته ڪم وٺن ٿا ڄڻ ته هو هندستان کان جنگ کٽڻ لاءِ ويڙهه ڪندا پيا هجن ۽ ان کي ٻن ملڪن جي جنگ وانگر بڻائي ڇڏين ٿا هيءَ ماجرا ضلع بدين جي شهر دنبالي ۾ هڪ مظلوم هندو پيءُ پنهنجي ٻن نياڻين جي کسجي وڃڻ جو قصو مٿي قسم جي ڄاڻايل فراڊ بابت جلسي ۾ تقرير دوران ٻڌايو بهرحال وقت به وقت خاص ڪري سنڌ ۾ هندن جي ڇوڪرين سان انهن کي دولاب سان مسلم سڏي اهڙا واقعا ٿيندا رهن ٿا پر آئون شهر ميرپور ماٿيلي جي هندو ڇوڪري رينڪل ڪماري سان جيڪو واقعو پيش ٿيوهئو ان کي اهڙي قسم جي ڪوڙ سان مسلم مشهور ڪري ان کي زال بڻائڻ جو واقعو عرض ڪيان ٿو ان ڪري جو ان ڇوڪري کي واپس ڪرڻ لاءِ سنڌ ليول تي ايترا احتجاج ڪيا ويا جو ڳالهه وڃي سپريم ڪورٽ تائين پهتي سپريم ڪورٽ ان کي جيڪو فيصلي ۾ اختيار ڏنو ته وڃي پنهنجي آزاد خيالي مطابق فيصلو ۽ رايو لکراءِ ته تون مائٽن ڏي وڃڻ چاهين ٿي يا مڙس ڏي سو ٽي وي تي ڇوڪريءَ جو اهڙو بيان ته ڪو نه ڏيکاريو ويو پر ٽي وي  وارن جيڪي موويون ٺاهي ڏيکاريون اهي خاص ڪري عالمي ليول  جا جج اها فلم ڏسي فيصلو ٻڌائين ته ڇوڪري رينڪل ڪماري جي هڪڙي هٿ کان سرڪاري سپاهي پرائيويٽ ڊريس ۾ وٺي وڃي ٿو ٻي هٿ کان ليڊي پوليس جمعدار وٺي وڃي ٿي ڪيس جي ڪاروائيءَ ۾ شريڪ هڪ ماڻهو پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ان واقعي بابت هڪ جلسي ۾ ٻڌايو ته جنهن وقت رينڪل ڪماري کي عدالت کان ٻاهر وٺي وڃن پيا ته اتي ان پنهنجي بيٺل ماءُ کي ڏسي چيائين ته امان هتي سموري عملي جي اسان خلاف پاڻ ۾ ٻڌي آهي يعني هنن منجهان ڪنهن به انصاف جي اميد ناهي جڏهن ته سورت النساءِ آيت نمبر 19 ۾ فرمايل آهي ته اي حڪمرانو! توهان کي هر گز اجازت ناهي ته عورتن مٿان جبر سان پنهنجي مالڪي ڄمايو .سورت النساءِ جي آيت نمبر 20 ۾ حڪم آهي ته هڪ کان وڌيڪ زالون رکڻ جي اجازت ناهي. سورت النور جي آيت نمبر 3 ۾ حڪم آهي ته زنا ڪار ۽ مشرڪ جي شادي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ته ٿي سگهي ٿي پر باڪردار مومن ماڻهوءَ سان نه ٿي ٿي سگهي، مطلب ته مردن ۽ عورتن جي هڪ ٻئي سان نڪاح لاءِ هي شرط آهي ته صحيح نظريي ۽ ڪردار وارن جي شادي هڪ ٻئي سان ٿي سگهندي. ۽ بد ڪردار زانيءَ جي شادي صرف پاڻ جهڙن سان ٿي سگهندي. قرآن ۾ چئن شادين جي اجازت دائمي ناهي اها صرف جنگين مهل گهڻن مردن جي قتل ٿي وڃڻ جي ڪري عورتن جي وڏي تعداد ۾ بيواهه ٿي وڃڻ سبب عارضي آهي، جيئن جرمن جي برطانيه سان جنگ مهل گهڻن مردن جي قتل ٿيڻ سبب هٽلر جرمن قوم جي نسل بچائڻ لاءِ جنگ کان پوءِ سرڪاري طور چڪلا کولرايا هئا پر اسلام ان جي بدران عارضي طور چئن شادين جي اجازت ڏني آهي. (هي مضمون مرحوم علامه عزيز الله ٻوهيو ڪافي وقت اڳ لکيو هو پر اڄ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اسين ان کي شايع ڪري رهيا آهيون).

پهنجو تبصرو موڪليو