لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف هدايت ڪئي آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي ۽ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جون وڌ کان وڌ ڪوششون ڪيون وڃن، مهانگائي تي ڪنٽرول ٿيندو ته عوام کي سک جو ساهه نصيب ٿيندو.
لاهور ۾ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان نوازشريف سان ملاقات جي لاءِ جاتي عمره پهتو جتي نوازشريف ۽ اسحاق ڊار جي وچ ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ اسحاق ڊار نوازشريف کي آئنده بجيٽ جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
ملاقات جي دوران نوازشريف هدايت ڪئي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي وڃي. هن چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ٿيندو ته عوام سک جو ساهه کڻندو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون پاليسيون ٺاهيون وڃن جنهن سان عوام تي گهٽ بار پوي. ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال به موجود هو.










