ليکڪ عبدالمجيدبروھي
ھي سڀ حڪمران آخر ڪھڙي دڳ طرف عوام کي وٺي وڃي رھيا آھن پاڪستان جي عوام کي ھڪ عوام دشمن مان نجات ڏياريندڙ ھي نوان حڪمران تـ ساڳي عوام سان اڳ واري حڪومت کان بـ وڌيڪ ظلم ڪري رھيا آھن آء ايم ايف جي خوف ۾ ايترا تـ خوفزدا نڻجي ويا آھن جو کين ملڪ جي غريب ھاري ۽ مزدور جو ڪو ب ۔ خيال نـ ٿو چي مسلسل ٽيون ڀدرو عوام دشمن فيصلو شھباز حڪومت ڪري چڪي آھي سندس جا وزير پريس ڪانفرنس ڪري چون پيا تـ جيڪڏنھن اسان عالمي ليول تي وڌيل تيل جي قيمتن مطابق ھن وقت تيل جون قيمتون نـ وڌايون ھا تـ پاڪستان کي ھر پندرنھن ڏينھن ۾ ھڪ سئو ارب روپيا نقصان ٿي ھا ۽ پاڪستان وٽ ايترا وسيلا ئي اڳين حڪومت نـ بچايا آھن جو حڪومت اھو نقصان برداشت ڪري سگھي ھا وفاقي وزير چون پيا تـ اسان اڳتي ھلي ملڪ مان مھنگائي ختم ڪنداسسن مان کين اھو چوندس تـ سائين اوھان ان وقت تائين ملڪ مان مھنگائي ختم ڪريو يا نـ ڪريو پر ملڪ جي عوام کي ۽ انجي برداشت کي ختم ضرور ڪري سگھو ٿا جيڪڏنھن اوھان آء ايم ايف جي آڏو گوڏا کوڙي ملڪ ۾ آء ايم ايف جي چوڻ تي حڪمراني ڪري رھيا آھيو تـ پوء ان کان بھتر اھو ھوندو تـ اوھان ملڪ کي ۽ ملڪ جي عوام کي آء ايف جي حوالي ڪري پاڻ استعيفا ڏئي ھليا وڃو اسٽيٽ بئنڪ تـ اڳواٽ ئي انھن جي حوالي آھي اوھان ايترا تـ نا اھل آھيو جو اوھان کان ڊالر بـ ڪنٽرول نٿو ٿي اوھان جو خزاني وارو وزير ھنن ٻن مھينن ۾ وفاق جو نمائندو نـ پر اسان کي آء ايم ايف جو ڇاڙتو نظر اچي رھيو آھي جنھن ۾ ايتري بـ اھليت نـ آھي جو ھو آء ايم ايف کي اھو چوي تـ سائين ھن وقت ملڪ ۾ سخت ترين مھنگائي آھي اسان اڳواٽ ئي اوھان جي چوڻ تي سٺ روپيا تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪري چڪا آھيون ھاڻي اسان جو عوام وڌيڪ اضافو برداشت نـ ڪندي اوھان اسان مٿان ايڏو بار نـ وجھو عوام کي مزدور ۽ وورھيت طبقي سمدت وچولي طبقي جي تباھي جو سبب اسان کي نـ بڻايو ڪجھ اسان جي بـ ٻڌو پر اسان جو وفاقي وزير جيڪو شروع وارن ڏينھن کان صرف اھو راڳ ڳائي پيو تـ معيشت تباھ آھي معيشت تباھ آھي سائينجن وزارتڀملڻ شرط ئي آء ايم ايف وارن وٽ وڃي اتي پنھنجو موقف ڏيڻ بجاء انھن جا سمورا شرط ۔ جيڪي معاھدا اڳين حڪومت جا آھن اسان مڃون ٿا اھي معاھدا اڳين حڪومت جا آھن پر ڇا اوھان انھن معاھدن تي انھن کان نظرثاني ڪرڻ لاء ڪجھ زور وڌو ھيو نـ بس وڃي اھوواعدو ڪري واپس آيو اسان جو نااھل وزير خزانا مفتاح اسماعيل تـ اوھان اسان کي مال ڏيو اسان اوھام جي اشارن تي ڌمال ھڻڻ لاء تيار آھيون عوام کي ٻن مھينن ۾ 86 روپين جو تحفو ھنن حڪمرانن پيٽرول جون قيمتون وڌائي ڏنو آھي ھاڻي عوام کي وڌيڪ انھن جا ڊراما پسند نـ آھن جيڪڏنھن فورن تيل جي وڌيل قيمتن کي واپس وٺي ان نااھل وزيرخزانا کي گھر ڀيڙو ڪري انجي جاء تي حفيظ شيخ جھڙي ڪنھن قابل ۽ ماھر کي وزيرخزانا مقرر نـ ڪيوـويو تـ پوء ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جو ھي موصوف وزيرخزانا اڃا وڌيڪ نقصان ڪري سگھي ٿو. Brohimajeed123@gmail.com










