عمران خان کي 5 سالن لاءِ نااهل ڪيو ويو آهي: اعظم نذير

عمران خان کي 5 سالن لاءِ نااهل ڪيو ويو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان کي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته عمران خان غلط حقيقتون اليڪشن ڪميشن آڏو رکي ڇڏيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي تمام گهڻي احتياط ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ سندس خلاف ڪا ٻي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته عمران خان جا ساٿي چئي رهيا آهن ته وڏي ناانصافي ٿي آهي، ناانصافي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن قانون جي ڪا ڳالهه نه هجي.وفاقي وزير چيو ته عمران خان کي آئين جي آرٽيڪل 63 اي تحت 5 سالن لاءِ نااهل ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف فوجداري ڪيس جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو