مسجد نبوي واقعو، عمران خان سميت ساٿين تي ڪيس داخل

مسجد نبوي واقعو، عمران خان سميت ساٿين تي ڪيس داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسجد نبوي ۾ افسوسناڪ واقعي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، فواد چوڌري، شهباز گل ۽ شيخ رشيد سميت ڪيترن ئي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فيصل آباد پوليس موجب مدينا ٽائون ٿاڻي ۾ محمد نعيم نالي شهري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته رسول پاڪ جي روضي جي توهين ڪرڻ وارن تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو ڪو جواز ئي ناهي. راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي هن ڪيس ۾ گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

ڪيس ۾ اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم خان سوري، ميمبر قومي اسيمبلي راشد شفيق، صاحبزاده جهانگير۽ انيل مسرت کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر موجب راشد شفيق شيخ جي اڳواڻي ۾ 150 ماڻهن کي سعودي عرب موڪليو ويو، جڏهن ته لنڊن مان هڪ وفد به سعودي عرب پهتو. درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته سمورو واقعو سوچي سمجهي پيش آيو، ان حوالي سان شيخ رشيد ۽ شيخ رشيد جون وڊيوز به موجود آهن جيڪي جاچ ۾ پيش ڪيون وينديون.

ٻئي پاسي شيخ راشد شفيق کي ايئرپورٽ تان گرفتار يو ويو آهي. اڳوڻي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسين ڪيسن جو مقابلو ڪرن لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو