اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ضمانت کان پوءِ گرفتاري جون 8 اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿي ويون، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سڀاڻي ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي ڪندي. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ عمران خان جي ضباعت بعد گرفتاري جون 9 اپيلون سڀاڻي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن. چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سڀاڻي ساڍي 9 وڳي ٻڌڻي ڪندو. جسٽس محمد شفيع صديقي به بينچ ۾ شامل آهي. عمران خان ايڊووڪيٽ سلمان صفدر جي ذريعي 9 مئي جي ڪيسز ۾ ضمانت جي لاءِ اپيلون داخل ڪيون هيون، لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.










