عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ امان عمران خان خلاف عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيلن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ برقرار رکڻ جي درخواست ڪئي. عمران خان جي وڪيلن چيو ته عمران خان کي سڪيورٽي خدشا آهن، سندس جان کي خطرو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به کانئس سڪيورٽي واپس وٺڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ان تي جج چيو ته پراسيڪيوشن طرفان اڃا تائين ڪو به پيش ناهي ٿيو، ڏسون ڇا ٿا چون، عمران خان جي وڪيل جج سان ڳالهايو ته مان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڃي رهيو آهيان.جج چيو ته توهان ضرور وڃو، توهان جا دليل اچي ويا آهن.بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وقفي کانپوءِ پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي سول جج ملڪ امان جي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عمران خان جي اڄ جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي مخالفت ڪئي.پراسيڪيوٽر چيو ته عمران خان غير حاضر آهي، ضمانت کي ناقابل ضمانت ۾ تبديل ڪيو وڃي، عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست هر تاريخ تي منظور ڪئي وئي، عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي صحيح ناهي ڪئي وئي.عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.جنهن بعد عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت عمران خان جي اڄ جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي عمران خان کي 18 اپريل تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو