ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم اين اي شازيه عطا مري اڄ ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ غير جمهوري سوچ رکندڙ شخص وزيراعظم جي عهدي تي ويهي رهيو آهي، هو چوي ٿو پاڪستان ۾ پنجن سالن جي اندر اليڪشن نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه ئي اليڪشن ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته ان جي سوچ آمراڻه آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هن جي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته اهو بيان جمهوريت جي خلاف آهي. هن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت چار ووٽن تي بيٺي آهي ۽ هن کي هر اتحادي ۽ آزاد نمائندي سان عاجزي سان ئي نه پر اخلاق سان ملڻ گهرجي. هن ڪمزور حڪومت پنهنجي مغرور رويي سان ڪڏهن به نه ظاهر ڪيو آهي ته هو چار ووٽن جي محتاج ڪمزور حڪومت آهي ۽ انهن جو سينيٽ ۾ نمبر گيم سڀني جي سامهون آهي. شازيه عطا مري چيو آهي ته ملڪ ۾ گيس جي شديد قلت آهي ۽ اڄ وري پهرين فيبروري کان وفاقي حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته هو تمام صنعتون جيڪي ڪيپٽو پلانٽ تي هلن ٿيون انهن جي گيس فراهمي بند ڪئي ويندي، اهڙي عمل سان ملڪ جي صنعت جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويندو ۽ معيشيت تباهه ٿيندي. مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پ پ پ چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ نه غريب کي روزگار ميسر آهي ۽ نه ئي گهرن جا چلها ٻرن ٿا، ملڪ ۾ صنعتون رهيل هيون جيڪي ملڪي معيشيت جو اهم ذريعو هيون، تن کي به سليڪٽڊ حڪومت پاران اڄ گيس فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪا انتهائي ڏک ۽ شرم جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ مهيني اندر پيٽروليم جي شين ۾ 9 روپين جو واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کي پيپلز پارٽي رد ڪري ٿي. هن چيو ته هاڻي حڪومت ٻڌائي ته ڪير چور؟ ڪير ڌاڙيل ۽ لٽيرا آهن؟ هي خود سليڪٽڊ ۽ لٽيرا حڪمران آهن. هن وڌيڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت آئي ايم ايف جي سامهون جهڪي چڪي آهي، هي حڪومت غلام حڪومت آهي ۽ بين الاقوامي ادارن جي غلامي ڪري رهي آهي، پر ان عمل سان پاڪستان ۽ ان جي عوام کي ڪجهه به حاصل نه پيو ٿئي. شازيه مري ڪورونا وائرس ويڪسين بابت ڳالهائيندي چيو ته هو چائنا حڪومت جي شڪرگذار آهي ته انهن پنج لک ڪورونا وائرس ويڪسين پاڪستان کي عطيي طور ڏنيون آهن ۽ جيڪڏهن پي ٽي آئي حڪومت جي سفارتڪاري تعلقات تي ڀاڙجي ها ته جيڪو حال پي آئي اي جي ٻن هوٽلن ۽ ملائشيا ۾ پي آئي اي جهاز جو ٿيو ان بابت عوام بخوبي ڄاڻي ٿي. شازيه عطا مري پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ملڪ جي آبادي 22 ڪروڙ آهي ۽ چين کان عطيي طور ملندڙ ڪورونا وائرس ويڪسين جو تعداد پنج لک آهي جيڪو ڪل آبادي جو 0.22 سيڪڙو ٿئي ٿو ۽ ويڪسين جا ٻه ڊوز لڳڻا آهن ان حساب سان پنج لک ويڪسين جو تعداد اڍائي لک وڃي ٿيندو، ان حساب سان ڪل آبادي جو 0.11 سيڪڙو وڃي بيهندو. هن چيو ته باقي آبادي لاءِ هن حڪومت وٽ ڪابه منصوبه بندي ناهي. هن چيو ته وفاق طرفان سنڌ جي ٻن ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ اڃان به وفاق قبضي جون سازشيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ان جي سازش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته اها نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته آدم شماري معاملي تي سنڌ سان محبت ۽ وفاداري جا دعويٰ ڪندڙ سمورا ماڻهو پي ٽي آئي سان ملي ڀڳت ڪري گڏ ٿي ويا آهن ۽ سواءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مردم شماري معاملي تي وفاق آڏو ڪوبه سوال نٿو اٿاري. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت جو حساب به غريبن لاءِ به ڪمزو آهي ۽ جڏهن بني گالا جي ڳالهه اچي ٿي ته ان کي 12/13 لکن عيوض ريگيولرائيز ڪيو وڃي ٿو. عمران حڪومت اهڙو عمل ڪري ته حلال آهي جڏهن غريب ماڻهو ڪري ته حرام آهي. هن چيو ته گورنر سنڌ پنهنجي ڪتي کي پروٽوڪول ۽ محلن ۾ رهائي سگهي ٿو، جڏهن پي ٽي آئي حڪومت مخالف ڌر ۾ هئي ته پروٽوڪول کي لعنت سمجنهدا هئا. هن چيو ته پي ٽي آئي جي لٽيرن، سليڪٽڊ، نااهل ۽ نالائق ماڻهن کي گهر وڃڻ گهرجي، موجوده نااهل حڪومت سندس خراب پاليسن ڪارڻ سفارتي تعلقاتن ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ چين کان ملندڙ ڪورونا ويڪسين قديمي سفارتي تعلقاتن جو نتيجو آهي پر هن حڪومت اڃان تائين ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ۽ ماڻهو اڄ به چئي رهيا آهن ته ڪورونا وائرس ويڪسين جو آرڊر ڏنو ويو آهي، هي قوم کي ٻڌائن ته ڪيتري رقم ۽ ڪيتري تعداد ۾ ويڪسين جو آرڊر ڏنو ويو آهي. شازيه عطا مري وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پنهنجي خلاف ته پري، پر ملڪي حقيقتن تي ٻڌڻ پسند نٿو ڪري ۽ سندن نااهل حڪومتي پاليسون عوام سامهون ظاهر ٿي رهيون آهن هن چيو ته جڏهن به ڪو ٽي وي چينل يا ڪو اينڪر پرسن حڪومت جي نااهل پاليسين تي ڳالهائي ٿو ته ان تي پابندي مڙهي وڃي ٿي يا وري چينل کي بند ڪرايو وڃي.مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پ پ پ چيو ته حڪومت کان سندن پنهنجا ماڻهو ناراض آهن ۽ اتحادين کي ته هي ڪافي عرصو اڳ ناراض ڪري چڪو آهي هن چيو ته نااهل حڪومت کي ڀڄڻ نه ڏينداسين، هن جي رستا روڪ ڪنداسين ۽ انهن کان سندن ڪارگردگي بابت پارليامينٽ جي اندر ۽ پارليامينٽ جي ٻاهر سوال پڇندا رهنداسين. هن چيو ته پي ٽي آئي حڪومت وٽ پڙهيل لکيل الڳ الڳ قسمن جا مختلف ماڊلز ترجمان ڪرائي تي ڀرٿي ٿيل آهن انهن جي بيان بازي مان سندن تربيت ۽ ذهنيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو هڪ بيان به غريب عوام، بيروزگار ۽ تشدد ٿيندڙ شاگردن لاءِ ناهي هوندو. هن چيو ته جڏهن لاهور ۾ پوليس پاران شاگردن تي تشدد ڪيو پيو ويو ته وزيراعظم ساهيوال ۾ مزي سان ويٺو رهيو ۽ بيگناهه شاگردن تي تشدد ڪيو ويو. شازيه عطا مري پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته هر روز پاڪستاني عوام تي مهانگائي جو عذاب وجهي کين تڪليفن پهچائي پئي وڃي. شازيه مري چيو ته حڪومت جا جيڪي سليڪٽرز آهن انهن کي هاڻي پوئتي هٽڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ۽ ادارن جي عزت ڪرڻ ۽ عزت ڪرائڻ ڄاڻي ٿي ۽ هر اداري کي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ آئيني حدن جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اسان پاڪستان جون اڍائي سالن کان حالتون ڏسي رهيا آهيون ۽ هنن نااهل ماڻهن کي عوام تي مسلط ڪيو ويو آهي، اسان کي ڪو شوق ناهي ته ملڪ جي وزيراعظم کي سليڪٽڊ چئون پر جيڪڏهن وزيراعظم عوام جي تڪليفن کان لا علم رهندو ته سندس خلاف حڪمت عملي جوڙينداسين. هن چيو ته اهڙو شخص عوام تي مسلط ڪيو ويندو ته عوام جي دلين مان ان جي سليڪٽرز لاءِ بد دعائون نڪرنديون، وزيراعظم اقتدار ۾ خود نه آيو آهي پر آندو ويو آهي، بهرحال هو عزت ۽ باعزت طريقي سان حڪومت ڇڏي هليو وڃي ٻي صورت ۾ پي ڊي ايم جون جماعتون گڏيل طور حڪمت عملي ٺاهي سندس حڪومت ختم ڪنديون. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ ۽ سابق ڊپٽي اسپيڪر فيصل ڪريم ڪنڊي ڳالهائيندي چيو ته سليڪٽڊ حڪومت هڪ دفعو ٻيهر عوام مٿان پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري بم ڪيرايو آهي ۽ اهڙي عمل سان عوام کي ڏکيائيون پيش اينديون. هن چيو ته اسان جي حڪومت جي دور ۾ ڪڻڪ، چانور ۽ ٻين شين جون قيمتون گهٽ هيون ۽ موجوده وفاقي حڪومت هر روز عام واهپي شين جي قيمتن ۾ واڌارو ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي 117 ادارا بند ڪري، هزارين ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي ۽ غريب ماڻهو جا گهر مسمار ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته هي حڪومت ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان جي ڳالهه ڪندي هئي پر ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جهڙا عالمي ادارا سندن اصلي ڪرپٽ چهڙن کي بينقاب ڪيو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ڊِي ايم هڪ پيج تي آهي ۽ حڪومت خلاف متفق طور تي حڪمت عملي ٺاهي ويندي. ان موقعي تي هن ڪراچي پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏني.










