عمران جو مثال هٽلر کان مختلف ناهي:شهباز شريف

عمران جو مثال هٽلر کان مختلف ناهي:شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي جو مثال هٽلر کان مختلف ناهي، هو نازي هو، نيازي آهي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو ته هن وقت پوري قوم جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن. شهباز شريف چيو ته اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جلد فيصلو ٻڌائيندي. هن چيو ته قوم کي معاشي نقصان کان بچائڻو آهي. شهباز شريف چيو ته اڄ پاڪستان ڏهاڪن پوئتي هليو ويو آهي. هن چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جيڪو 2 سالن کان اسٽي آرڊر تي آهي، ان غير قانوني اسٽي آرڊر ڏنو هو، هن اڳ به چيو هو ته قومي سلامتي ڪائونسل جا فيصلا منظر عام تي اچڻ گهرجن، چونڊن کي يقيني بڻائڻو آهي. شهباز شريف چيو ته عمران خان 3 اپريل تي آئين کي سبوتاز ڪيو، جيڪڏهن اڄ پاڪستان کي بچائڻو آهي ته آئين جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي، عمران نيازي ڪوڙو آهي، عمران نيازي سراسر فراڊ آهي. هن چيو ته حمزا شهباز ڪالهه 199 ووٽ حاصل ڪيا، جهانگير ترين گروپ ۽ عليم خان گروپ جي مهرباني، ڪالهه حمزا شهباز کي الاٽ ٿيل ووٽن کان 13 ووٽ وڌيڪ مليا.

پهنجو تبصرو موڪليو