سکر (ن س)سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي سکر جيل ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلهوڙي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب سکر جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلهوڙو ۽ ڊي آءِ جي جيل سکر ريجن منور علي شاهه کي هاءِ پروفائيل قيدي کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب جيل جي اعليٰ آفيسرن جي معطلي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايت تي ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور سکر جيل ۾ قيد آهي ۽ سنڌ حڪومت هاءِ پروفائيل قيدي جي موبائل فون ۽ انٽرنيٽ جي استعمال تي ايڪشن ورتو آهي.علي امين گنڊاپور موڪلن دوران ملاقات ڪندو رهيو ۽ جيل انتظاميه طرفان کيس جيل ۾ غير ضروري سهولتون ڏنيون ويون.ذريعن جو چوڻ آهي ته سپرنٽينڊنٽ ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي شهاب صديقي کي سپرنٽينڊنٽ سکر جيل جي اضافي چارج ڏني وئي آهي.










