ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت گينگ وار مک عذير بلوچ جي جي آئي ٽي جي سربراهه کي ايندڙ ٻڌني تي طلب ڪري ورتو آهي دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت ۾ گينگ وار جي مک جي خلاف پوليس مقابلو ۽ اقدام قتل جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عذير بلوچ سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. جاچ آفيسر جي آئي ٽي بابت رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جي آئي ٽي رپورٽ بابت ليٽر سربراهه کي فراهم ڪري ڇڏيو اهي ايس ايس پي فدا حسين ايس ايس پي ڪيماڙي مقرر آهي ڪيماڙي ضلعي ۾ آدمشماري جو سلسلو هلندڙ آهي آبادي وڌيڪ هجڻ جي ڪري ڪيماڙي ضلعي کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو هو ايس ايس پي کي امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي ايس ايس پي ڪيماڙي ۽ عذير بلوچ جي جي آئي ٽي سربراهه عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن عدالت گينگ وار مک عذير بلوچ جي جي آئي ٽي جي سربراهه کي بيان لاءِ گهرائي ورتو عدالت ايس ايس پي ڪيماڙي فداحسين کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










