عتاب هيٺ آيل نياڻيون ۽ عورتن جي ٿيندڙ تذليل!

عتاب هيٺ آيل نياڻيون ۽ عورتن جي ٿيندڙ تذليل!

ليکڪ  ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم جي اڳواڻن گذريل سال 2021ع جي سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته سنڌ اندر غيرت جي نالي تي 186 واقعا پيش آيا آهن، جن موجب لڳ ڀڳ 140 عورتن ۽ 46 مردن جا قتل ٿيا، رپورٽ موجب اڪثر واقعا اتر سنڌ جي ضلعن ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ٻين ضلعن مان ڏيکاريا ويا، جتي ڪاروڪاري ۽ ٻين رنگن سان ڀريل نالن پٺيان حوا ڄائين کي سرعام نشانو بڻايو ويو. گڏوگڏ انهيءَ سماجي تنظيم پاران سڄي سنڌ اندر عورتن توڙي جو معصوم نياڻين سان ٿيندڙ زيادتين جي واقعن کي به وائکو ڪيو ويو ۽ عورت آزادي مارچ جو اعلان ڪندي هن ڀيري به 8 مارچ تي انهيءَ ضلعي ۾ عورت آزادي مارچ جو اعلان ڪيو ويو، جتي سڄي سنڌ مان وڌيڪ عورتن جي قتل جا واقعا پيش آيا آهن. سماجي تنظيم پاران اهڙو آزادي مارچ اتر سنڌ جي ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي ۾ پڻ ڪري سندن عورتن جي حقوق، فلاح ۽ بهبود بابت پيغام ڏيڻ جو وچن ڪيو ويو آهي. پيغام ته يقينن بهتر آهي، ڇوته اِن ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ انهي حوا ڄاين سان ڪيترا نه هنياءَ ڏاريندڙ ۽ ڪنڌ جهڪائيندڙ واقعا پيش ٿا اچن، روزانو ميڊيا اندر طرح طرح جون خبرون واقعا پڙهي ٻڌي يقينن دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ٿي ته آخر اسان جي هن سماج ۾ اُها عورت جيڪا انسان ذات مرد هجي يا نياڻي تنهن کي ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن مان گذرڻو ٿو پوي، سندن ڪهڙا ڪهڙا خواب هجن ٿا. ڇا غيرت صرف عورت جي مارڻ، ڪهڻ ۽ تشدد ڪرڻ سان پوري ٿئي ٿي.

اڄ جو مرد انهيءَ عورت جيڪا ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ گڏوگڏ زندگي جي ساٿي زال به آهي، تنهن کي ائين بي يارو مددگار ٿي مٿي جا وار لاهي پيرن پنڌ گهرن مان گهلي ڪٿي سج جي روشنيءَ، ڪٿي وري رات جي اونداهين مان فائدو وٺي انهن معصومن کي ائين تذليل ڪري زيادتين جو نشانو بڻائي غيرت جو نالو ڏين ٿا، جيئن سماجي تنظيم پاران ته اتر سنڌ جي ضلعن کي اهڙن واقعن جي واڌ ۾ ٽاپ لسٽ تي رکيو ويو آهي پر شايد پاڻ لاڙ ۽ ٿر جي انهن ضلعن جي سروي تائين نه ٿا پهچي سگهون، جتي ڪجهه ڏينهن پهريان ميرپورخاص ضلعي جي نئون ڪوٽ ۾ انهن 20 کان مٿي وحشين هڪ غيرت جي جهلڪ ڏيکاريندي سڄي سنڌ جي شعور کي تاريخي صدمو رسايو آهي. شايد پُراڻي چوڻي جنهن ۾ چيو ويندو هو ته اُتر جو ڍڳو ۽ لاڙ جو ماڻهو عقل ۾ برابر آهن، يعني لاڙ جا ماڻهو ايترا سڌا ۽ سٻاجهڙا ليکيا ويندا هئا. ميرپورخاص ضلعو جيتوڻيڪ لاڙ نه پر اڃا وڌيڪ انهن سٻاجهڙن ۽ سادن ماڻهن جو علائقو لڳي ٿو، جنهن کي ٿر بلڪل لڳو لڳ آهي ۽ اُتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي به اڪثر طور عجيب آهي. پر نئون ڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ جتي نه رڳو هر سُتل اک جاڳي پئي آهي پر گڏوگڏ اُها پراڻي چوڻي اتر جي ماڻهو ۽ لاڙ جي ڍڳي واري يقينن اُبتي ٿي وئي آهي. آيل خبرن موجب هي شرمناڪ واقعو نئون ڪوٽ جي ٻهراڙي ۾ تڏهن پيش آيو، جڏهن انهيءَ علائقي جي هڪ عورت خورشيده ٽنگڙي پنهنجي مڙس جي مسلسل تشدد کانپوءِ گهران نڪري ڪراچي ۾ پنهنجي مائٽن ۾ پهچي ٿي ۽ بعد ۾ عورت جي مائٽن سندن انهي علائقي پسگردائي ۾ رهندڙ راجپوت برادري مٿان اهو الزام هنيو ته اسان جي عورت اوهان وٽ ئي آهي. حالانڪه هن وقت اِها ڳالهه ميڊيا اندر واضح ٿي چُڪي آهي ته مسمات خورشيده ٽنگڙي هڪ شادي شده عورت جيڪا پنهنجي مڙس مير حسن ٽنگڙي کان مسلسل تشدد سبب بيزار ٿي گهران نڪتي، انهي عورت موجب کيس ڪنهن اغوا ناهي ڪيو. پنهنجي مائٽن وٽ ئي ترسيل آهيان پر ٽنگڙي برادري ته سڀ اخلاقيات ۽ سماجيات توڙي مذهبي ليڪا لتاڙي 20 کان مٿي ماڻهو ڪاهه ڪري راجپوتن جي گهرن ۾ ائين داخل ٿي عورتن کي اغوا ڪرڻ سان گڏوگڏ گهرن مان ڦرلٽ ڪئي ڄڻ انهن انهي عورت کي اغوا ڪيو هجي يا اهي ڌاڙو هڻڻ آيا هجن، چيو پيو وڃي ته ٽنگڙي برادري جي ڪجهه بااثرن نئون ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ رات جي وقت ان مهل راجپوت برادري جي گهرن ۾ داخل ٿيا، جڏهن هو سڀ ڪنهن به پيش ايندڙ واقعي کان بي خبر هئا ته اوچتو 20 کان مٿي جوابدار گهرن ۾ داخل ٿي 13 ورهين جي ڪنول راجپوت ۽ 18 ورهين جي فضا راجپوت کي زبردستي گهرن مان ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري گهلي پنهنجي ڳوٺ کڻي ويا، جتي انهن بدمستن پاران سڀ حياءُ ۽ شرم جا ليڪا لتاڙي اغوا ڪيل حوا ڄائين کي نه رڳو تشدد ڪيو پر گڏوگڏ انهن نياڻين کي سڄي ڳوٺ جي سرڪس به ڪرائي وئي ۽ انهن جوابدارن گينگ ريپ جو نشانو به بڻايو، جتي سڄي رات تائين ڪنول ۽ فضا مرد انسانيت کي نندينديون رهيون. ٽنگڙي برادري جي بدمستن جڏهن اهڙو ڪارنامو ڪيو هوندو، تڏهن يقينن انهن جو ضمير بلڪل دفن ٿي چُڪو هوندو، ڇوته جتي 20 کان مٿي مرد جيڪي انهيءَ پنهنجي ڌيءَ جي عمر وارين فضا ۽ ڪنول سان اهڙو ڪلور ڪيو هوندو تڏهن سندن ضمير ۽ شرم يقينن مُئل ئي هوندو. واقعي کانپوءِ متاثر نياڻين جي مائٽن ٻئي ڏينهن تي گهرن کان ٻاهر نڪري سخت احتجاج ڪيو، جنهن بعد پوليس روايتي ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل نياڻيون بازياب ڪرايون، واقعي کانپوءِ ميرپورخاص ڊويزن جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ بدستور سوڳ ته ضرور ڇانيل هو ۽ واقعي جو ڪيس به نئون ڪوٽ ٿاڻي تي فريادي جي دانهن موجب داخل ڪري پوليس نه رڳو اغوا ٿيل نياڻين کي بازياب ڪرايو پر گڏوگڏ ڪجهه گرفتاريون به عمل ۾ آنديون. امن جي ڌرتي خاص طور لاڙ ۽ ٿر جي انهي پٽي تي يقينن هي ڪو پهريون جيءُ جهوريندڙ واقعو ناهي، وقت جي رفتار سان اُهي بدمست ماڻهو جنهن کي پراڻي دور ۾ ته ڍڳي وارو عقل جيئان سمجهندڙن پهريان به ڪيئي ڪلور ڪري چُڪا آهن ۽ پاڻ جيڪڏهن مجموعي سروي ڪنداسون ته اسان وٽ عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ انهيءَ سماجي تنظيم جنهن رپورٽ ٿيل انگ اکر ته ظاهر ڪيا باقي جيڪي اڻ رپورٽ واقعا هوندا آهن، تن جو ته ڪاٿو اڄ سوڌو ڪنهن لڳايو ئي ناهي.

ٻهراڙي جي انهن علائقن جتي ٿر لاڙ يا وري اتر توڙي جو ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ انهن حوا ڄاين جي قسمتن ۾ بندوق ۽ پستول توڙي جو ڪهاڙي اڄ جي غيرتمند مرد پاران قسمت ۾ لکي وئي آهي، ڇوته انهن مردن جي سوچ موجب موبائيل جو استعمال صرف مرد ئي ڪري سگهي ٿو. زمين جي ٽڪر تان پلاند ۾ رڳو حوا ڄائي ئي ڪارنهن جي تهمت کڻي موت جي منهن چڙهڻي آهي، نئون ڪوٽ واقعي جيان جيڪڏهن ڪا عورت پسند جو پرڻو ڪندي ته ان جي عيوض ۽ پلاند ۾ اُهائي سزا حوا ڄائين ڪنول ۽ فضا کي ڀوڳڻي آهي. هي آهي اڄ اسان جي معاشري ۾ مرد ڏاڍي مڙس جي دماغي سوچ! جنهن ۾ رڳو انهي عورت جا ڪا جيجل ماءُ ۽ نياڻي جي روپ ۾ اسان جي معاشري ۾ موجود آهي. تنهن کي طرح طرح جون تڪليفون ڏئي معاشري ۾ بي حيائي وارو ڳاٽ اوچو ڪري بهادري ڏيکاري پئي وڃي.

نئون ڪوٽ جي واقعي سان گڏ اڄ اسان وٽ نه رڳو يونيورسٽين اندر نياڻين کي طرح طرح جون اذيتون ڏئي خودڪشين تي مجبور ڪيو پيو وڃي پر ڪجهه ڏينهن پهريان نوابشاهه جي افضال شاهه ٽائون واسڻ هڪ عورت مٿان ٽن جوابدارن ان وقت گهر ۾ داخل ٿي ظلم جي انتها ڪري ڇڏي، جڏهن مسمات عاشي جنڊاوڙ گهر ۾ اڪيلي هُئي، چيو پيو وڃي ته اُها ڳورهاري عورت جنهن کي مقامي بااثر رميش جنڊاوڙ ٻن پٽن سان گڏ گهر ۾ زبردستي داخل ٿي تشدد ڪري عورت جي حمل به ضايع ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جتي عورت نه رڳو بيحال پر بيهوش رهي، مقامي پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران متاثر عورت جي مڙس کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو،

پاڻ سڄي سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺنداسون ته ڪراچي کان اوٻاوڙو راونتي تائين روزانو سوين حوا ڄايون اهڙن واقعن جي عتاب هيٺ آهن ۽ پاڻ سڀ رڳو انهن واقعن جو انگ اکر لکي خانه پوري ڪري رهيا آهيون، جيڪي واقعا رڪارڊ تي اچن ٿا، آئون مڪمل دعويٰ سان چوان ٿو ته اسان وٽ ٻهراڙين کان وڌيڪ شهري علائقن ۾ انهن معصوم نياڻين سان طرح طرح جون بي واجبيون ٿي رهيون آهن. جيئن نائله رند کان وٺي چانڊڪا ڪاليج جي ڊاڪٽر نوشين شاهه جي لٽڪيل لاش کان پوءِ اڄ وري ٻيهر ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردياڻي پروين رند اکين مان آب هاري سندن طرح طرح جا داستان ٻڌائي رهي آهي. سندس چوڻ آهي ته يونيورسٽيءَ جون شاگردياڻيون مجبوري وچان خودڪشيون ڪن ٿيون، شاگردياڻي پروين رند جيڪا دادو جي رهواسڻ آهي، هوءَ دانهيندي ٻڌائي ٿي ته هاسٽل جي ڊائريڪٽر فرحين مون کي نه رڳو دماغي ٽارچر پر تشدد به ڪندي رهي ٿي، اهڙي طرح پاڻ جيڪڏهن مختلف وقتن تي انهن يونيورسٽين ۽ هاسٽلن اندر ٿيندڙ واقعن جو پردو کولينداسون ته يقينن انهن پٺيان پيرا يونيورسٽي ۽ ڪاليج انتظاميا پٺيان ئي ائين ويندا جيئن تازو پروين رند پنهنجو داستان روئي ٻڌائي رهي آهي. هتي ٻهراڙين جي علائقن ڪشمور يا وري نئون ڪوٽ جو نئون واقعو هجي سي ته انهن چوڻين موجب ڍڳن واري عقل موجب نياڻين جي قسمت ۾ لکيل آهن پر انهن مادِر علمين اندر جيڪڏهن اهڙا واقعا اسان جي ذميوار پڙهيل لکيل ماڻهن هٿان ڪيا وڃن ته پوءِ انهن جي سزا جو فيصلو ڪير ڪندو. اڄ اسان وٽ مونيڪا لاڙڪ، جنهن جي عمر چار سال هئي، سي ڪيتريون ئي پتڪڙيون معصوم نياڻيون انهن بگهڙن جو شڪار ٿي چُڪيون آهن ۽ هر روز ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان اهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعا پيش اچن ٿا، ڪٿي دوستي نه رکڻ تان عورتن مٿان حملو ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي وري انهن معصوم شاگردياڻين کي اسڪول ويندي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. ساڳي ريت اهڙن يونيورسٽين سطح جهڙن تعليمي ادارن ۾ سرعام ائين واقعا ٿيندا هجن، جيئن پروين رند واقعي کان چند ڏينهن پهريان سجاول جي رهواسڻ الماس ڀان به سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سوشالاجي جي شاگردياڻي کي يونيورسٽي اندر ڪجهه بگهڙ راهه ويندي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان بهادر نياڻي مزاحمت ڪندي پاڻ کي بچايو، واقعي کانپوءِ اڄ سوڌو انهيءَ نياڻين لاءِ يونيورسٽي انتظاميا نه رڳو ٺلها آسرا ۽ ڪاميٽيون جوڙي الماس ڀان ۽ سندن والدين کي انصاف جا آسرا ئي ڏياريا آهن پر اڄ تائين اُهي بدمست قانون جي ڪٽهڙي کان آجا آهن، حالانڪه سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي الماس ڀان سان ڪو هي پهريون واقعو ناهي جو هو اڄ زارو قطار روئي دل شڪسته ٿي پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙن مادر علمين ۾ هي واقعا معمول آهن پر اهڙن واقعن جنهن ۾ پروين رند کان الماس ڀان سان ٿيندڙ واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري اسان وٽ اهڙن ڪِريل واقعن ۾ گهٽتائي بدران اضافو ٿي رهيو آهي. تنهن ڪري هاڻي اهو ضروري آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ عورتن جي حقن کي تحفظ ڏيڻو آهي ۽ نياڻين جي تعليم کي بچائڻو آهي ته حڪومت ۽ ان جي ماتحت ڪم ڪندڙ لاڳاپيل ادارن کي سنجيدگي سان قدم کڻڻا پوندا.

advocateubedullah@gmaio.com

پهنجو تبصرو موڪليو