ضمانت رد، اسد قيصر الڳ،اسد عمر ۽ قريشي هڪ ئي گاڏي ۾ فرار

ضمانت رد، اسد قيصر الڳ،اسد عمر ۽ قريشي هڪ ئي گاڏي ۾ فرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ اسد قيصر جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو .عدالت ترنول ٿاڻي ۾ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر ۽ سانجهي ٿاڻي ۾ اسد قيصر خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.پيشي لاءِ الڳ الڳ آيل ٽيئي اڳواڻ ضمانتون ختم ٿيڻ کانپوءِ عدالت کان ٻاهر نڪري ويا، پر گرفتاري کي نظر ۾ رکندي ٽيئي اڳواڻ مختلف دروازن ذريعي عدالت کان ٻاهر نڪري ويا، شاهه محمود ۽ اسد عمر عدالت جي دروازي تي بيٺا رهيا ۽ فيصلو ٻڌون،شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر ٻئي عدالت کان گاڏي ۾ ويٺا جڏهن ته اسد قيصر فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ ئي روانو ٿي ويو.ٽنهي ڄڻن تي عمران خان جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيشي جي موقعي تي ڀڃ ڊاهه ۽ شهرين کي تشدد تي ڀڙڪائڻ جا ڪيس داخل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو