ليکڪ: اعجاز مهر
محسن نقوي نون انتظامي يونٽن ۽ صوبن ٺاهڻ جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، ان تي سڄي ملڪ ۾ بحث هلي رهيو آهي، ڪو ان جي مخالفت ۾ ته ڪو حق ۾ ڳالهه ڪري رهيو آهي.
اصل ۾ هنن کي پيٽ ۾ سور صوبا ٺاهڻ نه پر ختم ڪرڻ جوآهي. هي افلاطون سمجهن ٿا ته پاڪستان جي قومي سڃاڻپ ناهي بلڪه لساني سڃاڻپ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ صوبا ختم ڪيا وڃن. يعني ون يونٽ کي جياريو وڃي.
نقوي سان خواجا آصف به سر ملايو آهي ته ڪراچي ۽ گوادر وفاق وٽ هجڻ گهرجن، جيئن صوبائي ملڪيت مان نڪرن ۽ وفاقي علائقا بڻجن، جيئن مستقبل ۾ هو بندرگاهن جا دعويدار رهي سگهن.
جيتوڻيڪ ون يونٽ به ان نيت سان ٺاهيو ويو هو پر تاريخ شاهد آهي سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن مزاحمت ڪئي جدوجهد ڪري پنهنجي هزارن سالن جي قومي سڃاڻپ بحال ڪرائي هئي.
جنهن کي هي لساني سڃاڻپ ٿا چون اسين ان کي قومي سڇاڻپ ٿا چئون، ان وقت سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد، بلوچستان ۾ مير غوث بخش بزنجو ۽ خيبرپختونخوا ۾ ولي خان سان منسوب اهو تاريخي جملو هر زبان تي عام ٿيو هو ته اسين پنج هزار سال کان سنڌي آهيون، 1400 سالن کان مسلمان آهيون ۽ 1947 کان پاڪستاني آهيون ته اسين پنهنجي هزارها سالن جي سڃاڻپ تان هٿ ڇو کڻون؟
هاڻي ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته گذريل سال ڀارت کي پاڪستاني فوج شڪست ڏني هئي ۽ تازو آمريڪا ايران جنگ ۾ ٽياڪڙي بعد پوري قوم ۾ فوج لاءِ احترام وڌيو آهي، ان ڪري وري ون يونٽ جي مشق ڪريون.
جڏهن بنگالي اڪثريت ۾ هئا ته پنجاب موجوده پاڪستان جي چئني صوبن کي ختم ڪري 14 آڪٽوبر 1955 تي ون يونٽ جو اعلان ڪيو هو. ان وقت ون يونٽ جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ رکيو هو ۽ ان وقت سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي سارين پوکڻ جي اجازت به لاهور مان وٺڻي پوندي هئي. ايوب خان ٺاهيو ۽ ان خلاف تاريخي جدوجهد بعد يحيٰ خان پهرين جولاءِ 1970 تي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.
جنهن بعد بهاولپور رياست جيڪا آزاد حيثيت يعني صوبي جيان هئي ان کي موجوده پنجاب ۾ ضم ڪيو ويو ته ملڪ جي ڊيمو گرافي اهڙي ٿي وئي ته پنجاب موجوده ٽنهي صوبن کان آبادي ۾ وڏو ٿي ويو. وسيلا هجن توڙي قومي اسمبلي ۾ نمائندگي پنجاب اڪيلي سر ٽنهي صوبن کي نظر انداز ڪري به وفاق ۾ حڪومت ٺاهي سگهي ٿو. مٿان 1973 ۾ پنجاب وارن ڀٽو صاحب کان 1973 جي آئين ۾ وسيلن جي ورچ آبادي جي بنياد تي ڪرائي.
ان اڪثريت جي بنياد تي فوج. ۽ سول بيوروڪريسي، نيم فوجي دستن، ڪسٽ گارڊز وغيره ۾ وڏو حصو پنهنجي نالي ڪيو. هاڻي به سمنڊ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آهي پر نيوي جو هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ آهي. ڪوسٽ گارڊز ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي ملازم پنجاب جا آهن.
هنن افلاطونن جي تجويز آهي ته صوبا ختم ڪري ڊويزن ٽائيپ يونٽ ٺاهيا وڃن، جن کي مرڪز مان ڪنٽرول ڪيو وڃي ته جيئن معدنيات، سمنڊ، ٻيٽن، تيل، بجلي گيس ۽ ٻين وسيلن دنگن دڙين بابت صوبن جو ڏاڪو ئي ختم ڪيو وڃي.
پهرين ون يونٽ بعد هنن جي بقول لساني ۽ اسانجي بقول قومي سوال وڌيڪ اڀريو۽ ان جي حساسيت به وڌي وئي هئي. مان اڄ به چوان ٿو ته پهرين ون يونٽ ملڪ ٽوڙيو ۽ هاڻي به جيڪڏهن ڏنڊي جي زور تي صوبا ختم ڪري انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو تجربو ٿيو ته نتيجو ساڳيو نڪرندو بلڪ ان کان به ڀيانڪ ٿي سگهي ٿو.
پاڪستان صوبن ٺاهيو هو، پاڪستان صوبا نه ٺاهيا هئا. پاڪستان ٺهڻ جو بنياد 1940 جو ٺهراءَ هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته صوبا يا رياستون خودمختيار هونديون، وفاق وٽ رڳو دفاع. خزانو، مواصلات جا کاتا هوندا باقي صوبن وٽ هوندا، پر هنن ڪيو ان جي ابتڙ هو.
جنهن بابت سائين جي ايم سيد چوندا هئا ته موجوده شڪل واري پاڪستان ۾ شانمل نه ٿيا هئاسين، اسان سان دوکو ٿيو آهي. رسول بخش پليجو ته چوندو هو ته اسانکي نوجوان ڪنوار جو آسرو ڏئي هڪ ڪوجهي ۽ پوڙهي پرڻائي وئي. هو به لاهور ۾ وڏي واڪي چوندو رهيو ته سنڌي ان بنياد تي فيڊريشن مان نڪرڻ ۾ حق بجانب آهن.
هاڻي 79 سالن ۾ هن ملڪ ۾ برابري ته جيڪا ملي وري الٽو قومي ۽ تاريخي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. انڌي ڪاڻي 18هين ترميم ۾ جيڪا صوبائي خودمختاري ملي اها به ختم ڪئي پئي وڃي.
اهڙي سوچ گهڻي ڀاڱي انهن ماڻهن جي آهي جيڪي رٽائرمينٽ بعد هن ملڪ ۾ رهڻ به نٿا چاهين، ڊالرز ۾ پينشن وٺڻ جا خواهشمند رهندا آهن. جڏهن توهان کي هن ملڪ ۾ رهڻو ئي ناهي ته پوءِ هن ملڪ ۾ نفرتن جو ايٽم بم ڇو ٿا ڦاڙيو؟ هاڻي ڪا به هٿ چراند ٿي ته حالتون ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ نه رهنديون. @aijazm










