صوبائي حڪومتن کي جلد مردم شماري مڪمل ڪرڻ جي هدايت

صوبائي حڪومتن کي جلد مردم شماري مڪمل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال صوبائي حڪومتن کي 15 مئي تائين ڊجيٽل مردم شماري جو فيلڊ آپريشن مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.جاري ڪيل پڌرائي موجب مردم شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جو اجلاس رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير سيد امين الحق، چيف شماريات اداري ڊاڪٽر نعيم الظفر، صوبائي چيف شماريات ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مردم شماري جي فيلڊ آپريشن جي جاري مشق تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.جاري ڪيل پڌرائي موجب صوبائي حڪومتن کي ستين ڊجيٽل مردم شماري تحت هلندڙ فيلڊ آپريشن 15 مئي تائين مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.پهرين مئي تي حڪومت 7هين مردم شماري ۽ گهر شماري 2023ع جي فيلڊ آپريشن ۾ 15 مئي 2023ع تائين واڌ ڪئي، جنهن تي منصوبابندي واري وزير اها مشق 15 مئي تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن گڏيل طور تي مردم شماري جي رپورٽ کي حتمي شڪل ڏني وڃي. مفادن کي ڪائونسل ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.هن چيو ته ملڪ ۾ هلندڙ هن وڏي ڊجيٽل مردم شماري تي ڪو به تڪرار نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته ملڪ اڳ ئي بدترين بحران جو شڪار آهي ۽ سڄي دنيا جون نظرون هن ڊجيٽل مردم شماري تي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو