شيخ رشيد جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائي شيخ رشيد جي درخواست تي جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان مختصر ٻڌڻي ڪئي ۽ سندس 18 مئي تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي هن کان علاوه عدالت شيخ رشيد ۽ سندس ڀائٽي راشد شفيق پاران ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ داخل درخواستن تي ڌرين کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا واضح رهي ته شيخ رشيد خلاف فيصل آباد، گوجر خان، راولپنڊي ۽ اٽڪ سميت 9 شهرن ۾ توهين مذهب جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته سندس ڀائٽي شيخ رشيد شفيق کي اڳ ئي پوليس گرفتار ڪري چڪي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو