ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ رد ٿيڻ تي شوبز، فيشن، ميوزڪ ۽ راندين جي شخصيتن خوشي جو اظهار ڪندي ان کي عمران خان جي فتح قرار ڏنو آهي.اداڪارا صبا قمر، سينئر اداڪار شان شاهد، گلوڪار ۽ موسيقار هارون شاهد، ڪرڪٽر محمد حفيظ، موسيقار روحيل حيات، ثمينه پيرزادو، فيصل قريشي، زارا نور عباس ۽ ٻين ٽوئٽر تي عمران خان جي حمايت ڪندي، پاڪستاني جهنڊو، دل ۽ وڪٽري جا ايموجي شيئر ڪيا ۽ ڪرڪيٽ جي ٻولي ۾ دلچسپ تبصرا ڪيا. ڪنهن چيو ته هڪ بال تي ٽي وڪيٽون اڏي ويون، ريورس سوئنگ ڪامياب ٿي ويو.










