شوبز انڊسٽري ۾ سوشل ميڊيا سبب ڊپ پيدا ٿيو آهي

شوبز انڊسٽري ۾ سوشل ميڊيا سبب ڊپ پيدا ٿيو آهي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿيندڙ اداڪاره ماريه مَلڪ انڊسٽري ۾ عورتن سان پيش ايندڙ هراسانين جي واقعن بابت ڳالهايو آهي. اداڪاره تازو هڪ يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن انڊسٽري بابت کلي ڪري ڳالهه ٻولهه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ماريه مَلڪ ٻڌايو ته جڏهن هن ٽي سال اڳ انڊسٽري ۾ قدم رکيو ته هوءَ مرڪزي ڪردار (lead role) ڪرڻ چاهيندي هئي، پر پروڊڪشن هائوسز کيس گهڻو ڪري سپورٽنگ ڪردار ڏيندا هئا، ۽ جيڪڏهن هوءَ انڪار ڪري ڇڏي ته انهن جو رويو عجيب ٿي ويندو هو. ميزبان پڇيو ته ڇا انڊسٽري عورتن لاءِ محفوظ آهي؟ ان تي ماريه مَلڪ چيو ته انڊسٽري ڪٿي محفوظ آهي ۽ ڪٿي غير محفوظ۔ مون سان ته اهڙو ڪو واقعو پيش نه آيو آهي، تنهنڪري مان گهڻو ڳالهائي نٿي سگهان۔ البت هاڻي سوشل ميڊيا جو دور آهي، ماڻهو غلط ڪم ڪرڻ کان ڊڄن ٿا، پر انڊسٽري ۾ هراسانين جا واقعا ٻڌا ضرور آهن، تنهنڪري مونکي لڳي ٿو ته ڪجهه پهلوئن کان انڊسٽري غير محفوظ آهي. ماريه مَلڪ وڌيڪ چيو ته اهڙن حالتن کان بچڻ لاءِ هوءَ گهڻو ملڻ جلڻ نٿي ڪري ۽ رڳو پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو