اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي وقتي صدر صادق سنجراڻي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کان عهدي جو حلف ورتو، تقريب ايوان صدر ۾ ٿي ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به موجود هئا ياد رهي ته قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ قائد ايوان جي چونڊ ۾ شهباز شريف 174 ووٽ حاصل ڪيا هئا










